اسان تاريخ مان ڇو نٿا سکون؟

0
139
اسان تاريخ مان ڇو نٿا سکون؟

 ھن پياري پاڪستان ۾ سڀ کان سولو ڪم ڪنھن سياستدان تي الزام ھڻڻ ۽ انکي ذليل ڪرڻ ھو، باقي سڀ ادaرا پاڪ ڳئون (Holy Cow) ھئا. ھن ملڪ ۾ ڪنھن به  سياستدان کي نه ڇڏيو ويو ايتري قدر جو ملڪ ٺاھيندڙ جي ڀيڻ فاطمه جناح کي پڻ غدار چيو ويو. قائداعظم جي زندگي جا آخري ڏينھن به وڏي تڪليف وارا گذريا آھن مگر عام ماڻھو ميڊيا تي ان تي ڳالھائڻ پسند نه ڪندا آھن. ملڪ جي پھرين وزيراعظم کي قتل ڪيو ويو، جنھن ان کي قتل ڪيو ان کي ڪنھن ٻئي قتل ڪري ڇڏيو. اڄ ڏينھن تائين خبر نه پئجي سگھي ته لياقت علي خان کي ڪنھن قتل ڪيو ھو، سڄو قتل جو پلاٽ ئي مٽايو ويو. ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته ھن ملڪ کي ٺھڻ کان وٺي ھڪ اھڙي ڌر ھلائيندي رھي آھي جنھن کي ملڪ جا سياستدان ڪڏھن به ھضم نه ٿي سگھيا آھن. ملڪ ۾ 9 سال ڪو آئين نه ٺھي سگھيو، آئين ساز اسيمبلي ٽٽندي رھي ۽ 1956ع ۾ جڏھن پھريون پارليماني آئين آيو ته ڪجھه ئي سالن ۾ يعني 1958ع ۾ ملڪ ۾ پھرين مارشلا لڳي وئي، ۽ ملڪ جي عوام کي وڏا خواب ڏيکاريا ويا. ھن ملڪ کي شروع کان وٺي ڪنھن آئين سان نه پر پنھنجي مرضي سان ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ولي خان ۽ ايس ايم ظفر پنھنجي ڪتابن ۾ لکي ڇڏيو ته ايوب خان چوندو ھو ته بنگالين جي ھن ملڪ مان جان ڇڏائڻي آھي. اھي ڳالھيون ھاڻي عام ٿي ويون آھن، جڏھن ته اڳ عام ماڻھو ايوب خان کي ھڪ انقلابي ڊڪٽيٽر سڏيندا ھئا. جڏھنته ڊڪٽيٽر ايوب خان ملڪ جو واحد ڊڪٽيٽر ھو جنھن پاڻ کي فيلڊ مارشل جو لقب ڏنو ھو. جڏھن ته فيلڊ مارشل ان کي چوندا آھن جيڪو گھٽ ۾ گهٽ ٻه جنگون کٽي اچي جڏھن ته حقيقت اھا آھي ته پاڪستان اڄ تائين ھڪ جنگ نه کٽي آھي. ھن پنھنجي سليڪشن به پاڻ ڪئي ھئي ۽ پاڻ کي پاڻ ئي فيلڊ مارشل جو لقب ڏنو ھئائين. ايوب خان مان ملڪ جي جان ڇٽي ته وري يحييٰ خان اچي ويو جنھن جي دور ۾ ملڪ ٽٽي ويو. مگر الزام وري سياستدانن تي ھنيائون ته ھنن ملڪ ٽوڙي ڇڏيو. حقيقت ۾ ملڪ جي ٽٽڻ جو بنياد ڊڪٽيٽرز وڌو ھو ۽ جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ ٽٽي ويو ۽ بنگلاديش وجود ۾ آيو. ڀٽو صاحب آيو ته ملڪ ۾ وري آئيني بحران ھو. ان وقت ملڪ ۾ آئين 1962ع وارو ھلندڙ ھو جيڪو صدارتي آئين ھو. ڀٽو شھيد جو وڏي ۾ وڏو چئلينج ملڪ کي آئين ڏيڻ ھو جيڪو سڀني جو متفقه آئين ھجي. ڀٽو صاحب ملڪ ۾ انقلابي ڪم ڪيا مگر ان جو وڏو ڪم ملڪ ۾ پارلياماني آئين ڏيڻ ھو.

بحرحال ڀٽو صاحب جي ڪاميابين جي باوجود ان جو عدالتي قتل ڪيو ويو. وري ملڪ ۾ مارشلا لڳي وئي، ضياءُالحق ملڪ ۾ آئين ٽوڙي ملڪ ۾ مارشلا لڳائي ڇڏي. ملڪ کي ڪلاشنڪوف ۽ ھيروئن اچي وئي، افغان جنگ جي ڪري ملڪ ۾ ڊالر عام ھئا. جنرل ضياءَ ته حادثي جو شڪار ٿي ويو يا شڪار ڪيو ويو مگر اڄ ڏينھن تائين خبر نه پئجي سگھي اھو حادثو ڪيئن ٿيو. ضياءَالحق جي حادثي جي نتيجي ۾ ھڪ دفعو وري ملڪ ۾ جمھوريت اچڻ جو آسرو ٿيو. شھيد بي بي ملڪ ۾ واپس آئي ۽ ان اليڪشن وڙھڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 1988ع ۾ ھڪ دفعو محترمه بي نظير جي حڪومت اچي وئي پر بي بي کي حڪومت  ڪرڻ نه ڏني وئي سال ڏيڍ ۾ صدر اسحاق 58 ٽو بي جو استعمال ڪري اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. پنجاب جي ليڊر نواز شريف کي ڌانڌلي ڪرائي 1990ع ۾ وزيراعظم بڻايو ويو پر نوازشريف اسٽيبلشمينٽ سان نه ھلي سگھيو ان جي حڪومت کي پڻ 58 ٽو بي سان ختم ڪيو ويو. ھڪ دفعو وري بيظير ڀٽو کي 1993ع ۾ حڪومت ملي پر ان کي ھٽائڻ لاءِ وري خطرناڪ شازش ڪئي وئي ۽ سندس ئي دور ۾ موڀي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽي کي قتل ڪيو ويو ۽ ان جو الزام بي بي جي حڪومت ۽ خاص ڪري آصف زرداري تي ھنيائون. پي پي وارن مرتضيٰ شھيد جي ڪيس کي سنجيدگي سان نه ورتو. جيڪي پوليس وارا ملوث ھئا انھن کي ترقيون ڏنيون ويون. بھرحال بي بي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ وري نوازشريف کي وڏي اڪثريت سان کٽائي 1997ع ۾ وزيراعظم بڻايو ويو. نوازشريف پنجاب ۾ وڏا انقلابي ڪم ڪيا ۽ خاص ڪري لاھور ۽ پنجاب جي ٻين شھرن ۾ وڏا ڪم ڪيائين. مگر ان جي ڪمن جي باوجود اسٽيبلشمينٽ ان کي برداشت نه ڪيو ۽ 1999ع ۾ ھڪ دفعو ملڪ ۾ وري مارشلا لڳي ويو ۽ پرويز مشرف اچي ويو. اھو لکڻ به انتھائي ضروري آھي ته ھر مارشلا کي ملڪ جون ڪورٽون تحفظ ڏينديون رھيون. پرويز مشرف انتھائي شاطر ھو ۽ قسمت پڻ انجو وڏو ساٿ ڏنو. 2001ع جي سيپٽمبر ۾ آمريڪا تي حملو ٿي ويو ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي جھاز ٽڪرائجي ويا. جنھن جي ذميواري القائدہ جي سربراھه اسامه بن لادن قبول ڪري ورتي.

اسامه ان وقت افغانسان ۾ ھو ۽ افغانسان آمريڪا کي اسامه بن لادن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ آمريڪا يو اين جي اجازت ۽ نيٽو جي مدد سان افغانستان تي حملو ڪري ڏنو. پرويز مشرف جا ڄڻ ڀاڳ کلي ويا ۽ آمريڪا جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين ۽ ملڪ ۾ ھڪ دفعو وري ڊالر اچڻ شروع ٿي ويا، جيڪي ماڻھو چون ٿا پرويز مشرف جو دور ڀلو ھو انهن کي ياد رکڻ گھرجي ته پرويز مشرف جي دور ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊالر آيا ۽ پاڪستان جا ڪجھه اڏا ۽ خلائي ڪاريڊور جي آمريڪا کي سھولت ڏني وئي. نتيجي ۾ پرويز مشرف سندس دور کي وڌائڻ لاءِ ھر حيلو استعمال ڪيو. پھرين چوندو ھو نواز شريف ۽ بي نظير ڀٽو کي ملڪ نه اچڻ ڏنو ويندو ۽ پارليامينٽ مان قانون پاس ڪرايائين ته 2 کان وڌيڪ ڀيرا ڪير به ملڪ جو وزيراعظم نه ٿي سگھندو. پر پوءِ پرويز مشرف بي بي سان ابو ظھبي ۾ ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ شريف پيرزادہ رحمان ملڪ پڻ موجود ھئا. بي بي جو واحد مطالبو ھو ته پرويز مشرف وردي لاھي ۽ اليڪشن ڪرائي. ان کانپوءِ رابطا ھلندا رھيا. مگر پرويز مشرف پنھنجي شرطن تي نه بيٺو. ڪورٽن سان مھاڏو اٽڪايائين ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي ڇڏيائين ۽ ان ايمرجنسي بينظير ڀٽو کي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ محترمه 18 آڪٽوبر تي ملڪ ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو. مون کي ياد ٿو اچي محترمه شھيد دبئي جي پروگرام ۾ اڪثر چوندي ھئي ته ايندڙ حڪومت پي پي جي ھوندي ۽ مختلف سروي جا حوالا پڻ ڏيندي ھئي. پر بي بي جيئن ائيرپورت تي لٿي ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پيو ۽ بينظير ڀٽو تي خودڪش حملو ڪيو ويو، مان ان وقت شاهراہ فيصل تي موجود ھيس. محترم معجزاڻي طور بچي وئي پر پوءِ 27 ڊسمبر تي بي بي کي شھيد ڪيو ويو ۽ اليڪشن ملتوي ٿي ويون. آصف زرداري کي پارٽي جي قيادت جو موقعو مليو جنھن نوازليگ کي راضي ڪيو ته اليڪشن وڙھو جڏھن ته نوازليگ ۽ ڪجھه ٻيون پارٽيون جن ۾ پي ٽي آئي هئي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ھو. بحرحال نواز ليگ اليڪشن وڙھي ۽ پي پي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي ٿي سامھون آئي ۽ پي پي کي حڪومت جو موقعو مليو ۽ ڪجھه وقت ۾ آصف علي زرداري ملڪ جو صدر پڻ ٿي ويو. اھو پھريون دفعو ھو ڪنھن جمھوري حڪومت 5 سال پورا ڪيا جڏھن ته وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي نااھل ڪيو ويو. آصف زرداري اسٽيبلشمينٽ کي منھن ڏيندو رھيو. ان لاءِ پڻ مسئلا پئدا ڪيا ويا پر ڪياني جي ايڪسٽينشن کان پوءِ پي پي پي پنھنجي اقتدار جا پنج سال آساني سان پورا ڪيا. آصف ذرداري 18هين ترميم ڪري ھڪ تاريخي ڪم ڪيو. ڪي پي کي نالو مليو. صدر جا اختيار اسيمبلي کي واپس مليا. ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ٿي. 1973ع وارو آئين بحال ٿيو. 2013ع جي اليڪشن ۾ وري نواز شريف جي پارٽي اقتدار ۾ اچي وئي پر فيصلو ٿي چڪو ھو ته نواز شريف کي حڪومت ناھي ڪرڻ ڏيڻي. نواز شريف کي پاناما ڪيس جو بھانو ڪري دبئي جو آقامو ھجڻ ڪري تاحيات نااھل ڪيوويو. نوازشريف کي تاحيات نااھل ڪرڻ جو مقصد ئي عمران خان لاءِ رستو صاف ڪرڻ ھو.2018 ع جي اليڪشن ۾ عمران خان کي ڪا واضح اڪثريت نه ملي پر ايم ڪيو ايم، قيو ليگ ۽ آزاد ميمبرن کي ملائي حڪومت ٺاھي وئي. ھڪ نئون ھائبرڊ نظام آندو ويو. مگر اھا سڄي سيڙپ ضايع ٿي وئي ۽ انھن عمران خان جي مدد ڪرڻ ڇڏي ڏني جنھن جي نتيجي ۾ اڄ پي ڊي ايم جي حڪومت آھي.

ھي جيڪي به تجربا ڪيا ويا آھن ان جي نتيجن مان ملڪ کي ھلائيندڙ ڪو سبق حاصل نه ڪيو آھي ۽ اڄ ملڪ تباھي جي ڪناري تي آھي مگر افسوس ھو اڃان به نوان تجربا ڪرڻ گھرن ٿا ان جو نتيجو خظرناڪ نڪري سگھي ٿو.