موهن جي دڙي واري پينٽنگ سوشل ميڊيا تي تمام وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ موهن جي دڙي کي ويران ڏيکاريو ويو آهي منهنجو انهن پينٽنگ ۾ هڪ وڏو اعتراض اهو آهي ته اهو سڄو شهر بغير ڪنهن وڻ ۽ پاڻي جي ٺهيل آهي، حقيقت ۾ موهن جو دڙو هڪ زرخيز شهر هيو ۽ اتي تمام وڏو درياهه هيو سو مون سوچيو ته اسان به تصور ۾ پنهنجو حصو وٺون، دل ۾ خيال آيو ته جيڪڏهن موهن جو دڙو سرسبز هيو ۽ اتي هڪ وڏو درياھ هيو ته شهر جي اندر جا منظر ڪهڙا هئا؟ سو مون اي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي ۽ شهر جا منظر تيار ڪيا. (وقار ميراڻي جي فيس بوڪ تان ورتل)