اسان الله جي لاءِ  ڪم ڪريون پيا، ان ڪري چُپ ويٺا آهيون: چيف جسٽس

0
288
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اسان الله جي لاءِ  ڪم ڪريون پيا، ان ڪري چُپ ويٺا آهيون، جنهن اوهان کي وضاحت ڪرڻ جو چيو آهي، ان کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان جي دل صاف آهي

سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي هلائي

 چيف جسٽس چيو ته پوليس عمران خان لاءِ بُلٽ پروف مرسڊيز جو بندوبست ڪيو هو، اسان جي پي آر او وضاحت جاري ڪئي ۽ ان کي به غلط طريقي سان پيش ڪيو ويو

 چيف جسٽس چيو ته مان ته مرسڊيز استعمال ئي ناهيان ڪندو، اسان ته توهان کي ڏسي ڪري کلي دل  سان “گڊ ٽو سي يو” چيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪريون پيا: خواجا آصف