اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستاني شهري سيف الله پراچا کي آمريڪا جي جيل گوانٽاناموبي مان آزاد ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني شهري سيف الله پراچا 29 آڪٽوبر يعني ڪالهه آمريڪا جي گوانٽاناموبي جيل مان آزاد ٿي پاڪستان پهچي ويو آهي، اسان کي خوشي آهي آخرڪار خاندان وٽ پهچي ويو، جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سيف الله پراچا جي آزادي بابت ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سيف الله پراچا گوانٽاناموبي ۾ قيد هو، اسان کي خوشي آهي ته سيف الله پراچا پرڏيهي وزارت جي هڪ وڏي انٽر ايجنسي پراسيس کي انجام ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي خاندان سان گڏ آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب ڪراچي جو واپاري سيف الله پراچا 19 ورهين بعد آزاد ٿيو آهي، سي آءِ اي 2003ع ۾ کيس بنڪاڪ ايئرپورٽ تان حراست ۾ ورتو هو، جتان افغانستان جي بگرام ايئربيس منتقل ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته القاعده کي مدد فراهم ڪرڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، 2004ع تائين بگرام جي حراستي مرڪز ۾ قيد رکيو ويو، جتان گوانتانامو بي جي آمريڪي جيل منتقل ڪيو ويو، 2 سال اڳ پرزنر رويو بورڊ پاران ٻين قيدين سان گڏ سيف الله پراچا جي آزادي جي به منظوري ڏني وئي، سيف الله پراچا کان اڳ سندس وڏي پٽ عزيز پراچا کي به 2003ع ۾ نيويارڪ ۾ القاعده جي سهولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، بي بي سي موجب 2009ع ۾ بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ سيف الله جي گهرواري فرحت چيو هو ته سيف الله نائن اليون کان اڳ ٻه ڀيرا افغانستان ويو هو جتي هن جي مبينا طور اسامه بن لادن سان ملاقات ٿي هئي، هو اسامه جو انٽرويو ڪري اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ اختلاف گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان لاءِ وزٽنگ ڪارڊ اسامه وٽ ڇڏي آيو هو جيڪو اسامه جي ڪمپائونڊ ۾ ڇاپي دوران مليو هو.