اساما ستي قتل ڪيس: 2 پوليس اهلڪارن کي موت ۽ 3 کي عمر قيد جي سزا

0
221

اساما ستي قتل ڪيس

اسلام آباد: اساما ستي قتل ڪيس ۾ 2 پوليس اهلڪارن کي موت ۽ 3 اهلڪارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري اساما ستي قتل ڪيس جو 31 جنوري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو

Significant Progress by ATC in Osama Satti Murder Case - BaaghiTV English

عدالت نوجوان اساما ستي کي قتل ڪرڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي اينٽي ٽيررزم اسڪواڊ جي اهلڪار افتخار احمد ۽ محمد مصطفيٰ کي موت جي سزا ٻڌائي

 سعيد احمد، شڪيل احمد ۽ مدثر کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، هڪ هڪ لک روپين جو ڏنڊ به لڳايو ويو

ياد رهي ته جنوري 2021 ۾ نوجوان اساما ستي کي اسلام آباد ۾ رات ڏيڍ وڳي اي ٽي ايس جي اهلڪارن پاران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ بلوچستان پوليس کي شيخ رشيد خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو