مٽياري (رپورٽر) پي ٽي آءِ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ارباب غلام رحيم سيکاٽ پھچي عابد سمون جي مانجھاندي ۾ شرڪت ڪئي، ميڊيا سان ڳالھائيندي سندس چوڻ ھو ته عمران خان پوئين ڏھن سالن جو گند صاف ڪيو آهي. اڳين حڪمرانن پاڪستان جي معيشت کي گوڏن ڀر ويھاري ڇڏيو، پر عمران خان جي دليراڻن فيصلن سبب پاڪستان جي معيشت ھن وقت پنھنجي پيرن تي بيھي رھي آھي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي انتھا آھي گدامن مان ڪڻڪ جون ھزارين ٻوريون گم ڪيون پيون وڃن ننڍن آبادگارن جو پاڻي چوري ڪري علي حسن زرداري جون زمينون آباد ڪيون پيون وڃن. ھڪ سوال جي جواب ۾ ارباب رحيم چيو ته آصف زرداري شروع کان وٺي مقتدر قوتن سان ڊيل تحت ڪم پيو ڪري سندس حڪومت به ڊيل جو نتيجو ھئي. فريال ٽالپر جي ضلعي ناظمي به ڊيل جو نتيجو ھئي، ڇو ته جنھن سڪي سان ٽاس ڪئي وئي ان سڪي جا ٻئي پاسا ھڪ جھڙا ھئا. ھينئر پي ڊي ايم کي دوکو ڏيڻ به ڊيل جي نتيجي ۾ آھي. زرداري ته پنھنجي الڳ پارٽي ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگھيو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جا سنڌ ۾ جلسا اسان پاڻ روڪرايا آھن ڇو ته ھن وقت خان صاحب کي وڏا سيڪيورٽي ٿريڊ آھن، خاص طور جڏھن ھن آمريڪا کي اڏا ڏيڻ لاء نو چيو ان نو جي قيمت ڀٽو صاحب ڀري چڪو آھي.هن چيو ته پوري سنڌ ۾ منھنجي ڪامياب دورن بعد بلاول ڀٽو دوري تي نڪري پيو آھي منھنجي دورن کي ڏسي پي پي وارن کي دورا پئجي رھيا آھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ ارباب رحيم جو چوڻ ھو تہ ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي ڊي اي ۽ پي پي مخالف پارٽين سان گڏجي وڙھنداسين ھن چيو ته پير صاحب شفيق ماڻھو آھي اسان کان ناراض ناھي ھن چيو تہ پي پي پاران ارڙھين ترميم بعد وفاق صوبن وٽ يرغمال بڻيل آھي ھڪ سوال جي جواب ۾ ارباب رحيم جو چوڻ ھو تہ مون جيڪو ٽاسڪ مليل ھو ان ۾ ڪافي ڪاميابي ملي آھي.


































