ارڙنھن سالن تائين ايئرپورٽ تي رهائش ڪندڙ ايراني شخص لاڏاڻو ڪري ويو

0
459

پيرس (انٽرسٽنگ نيوز) پيرس ۾ هڪ شخص اهڙو به آهي جيڪو 18سالن تائين ايئرپورٽ تي رهائش ڪندو رهيو، ڄاڻايل ايراني شخص لاڏاڻو ڪري ويو آهي

ايراني شخص مهراڻ ڪريمي پيرس جي چارلس ڊيگال ايئرپورٽ تي 2 ڏهاڪا رهائش اختيار ڪئي، ڪريمي چارلس ڊيگال ايئرپورٽ جي ٽرمينل هڪ ۾ 1988 کان 2006 تائين ترسيل رهيو، شروع ۾ ڪاغذ نه هجڻ ڪري ايئرپورٽ تي ترسيو، بعد ۾ مسئلو حل ٿيڻ بعد به اتي ئي رهيو

Mehran Karimi Nasseri standing next to a poster of Steven Spielberg's movie "The Terminal" which was loosely based on his life stranded in Charles de Gaulle Airport.

ميڊيا رپورٽن موجب مهراڻ ڪريمي کي ايئرپورٽ تي سفر الفريڊ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ هن ان تجربي تي هڪ ڪتاب “دي ٽرمينل” به لکيو

سندس زندگي کان متاثر ٿي 2004ع ۾ ٽام هينڪس جي فلم دي ٽرمينل رليز ٿي هئي. مهراڻ 1974ع ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا ويو پر اتي سياسي نظرين جي ڪري جلاوطن ٿيو. پيرس ايرپورٽ وڃڻ کان اڳ سندس دستاويز چور يٿي ويا، جنهن ڪري هن 6 مهينا جيل به ڀوڳيو، آزادي ماڻڻ بعد ڊيگال ائيرپورٽ تي ئي رهي پيو