روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد تاريخي شھر اروڙ ٻنڊو اسٽاپ تي ٻرڙا ۽ سروھي برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ڌرين جا 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي آندو ويو. غلام حسين ٻرڙو، عارب حسين، جمون ٻرڙو، نسيم عباس، مشتاق احمد ٻرڙو ٻئي ڌر مان، صفدر سروھي، امجد علي، ظھير احمد سروھي ،سلمان ،نثار احمد، سجاد علي سروھي زخمين ۾ شامل آهن، زخمين کي علاج بعد پنهنجي پنهنجي گهر روانو ڪيو ويو، اٺ زخمين کي سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. زخمين جي وارثن پاران ھڪ ٻئي خلاف حملو ڪري ماڻهو زخمي ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن ۽ جهيڙي جو ڪارڻ معمولي ڳالھ ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته علائقي ۾ ڪارنهن معاملي تي جهيڙو ٿيڻ جا چوٻول ھلندڙ آھن، واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين جي زخمين کي الڳ الڳ ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.