سڪرنڊ(ن پ ا) شهيد بينظير وٽرنري ورسٽي سڪرنڊ جي وائيس  چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد فاروق حسن الزام هنيو آهي ته مٿس هراسان ڪرڻ جا الزام هڻندڙ اسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ارم ٻگهيو ۽ پروفيسر احمد سلطان جتوئي ٻن سالن کان يونيوسٽي ۾ پنهنجا ملازم رکرائڻ لا ڌمڪائين ٿا، منهنجي انڪار تي ڪريل الزام لڳائي رهيا آهن، ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊاڪٽر ارم ٻگهيو هاسٽل پرووسٽ هوندي گاڏي،  200 ليٽر تيل ۽ يونيورسٽي ۾ بنگلو گهري رهي هئي ، انڪار تي هن ننڍي قد جي مڃيل پهرين وٽرنري پي ايڇ ڊي هولڊر ڊاڪٽر هدايت الله کي مختلف قسمن سان هراسان ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن ته ايڊيشنل ڊائريڪٽر (ايڊوانسڊ اسٽڊيز) ڊاڪٽر عطاء الله ميمڻ کي به  پنهنجي مڙس جي دوستن کي ايم فل ۾ داخلا نه ڏيڻ تان ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون، اهڙيون درخواستون گورنر سنڌ ۽ سيڪريٽري  يونيورسٽيز کي موڪليون ويون آهن، هن چيو ته ڊاڪٽر ارم ٻگھيو هاڻ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيڻ لا ڪوڙا الزام هڻي بليڪ ميل پئي ڪري، هن چيو ته ڊاڪٽر ارم ٻگهيو جي ڀيڻ  ڊاڪٽر ريما ٻگهيو مادرعلمي ۾ هاسٽل پرووسٽ آهي، جنهن پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر ارم جي ڪريل الزامن جي لکت ۾ ترديد ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر ارم يونيورسٽي انتظاميه کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، هن چيو ته ائون ڪنهن جي  دٻاء ۾ نه ايندس، سموريون ترقيون ۽ مقرريون ميرٽ تي ٿينديون. هن ڊاڪٽر ارم ٻگهيو  پاران هنيل الزامن جي  صاف ۽ شفاف جاچ  ڪرائڻ جي گهر ڪندي چيو ته  جاچ م جيڪو به مجرم نڪري، ان خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ گهرجي،