ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪاره ارمينا رانا خان پنهنجي کير پياڪ ڌيءَ جي پهرين تصوير مداحن سان شيئر ڪري ڇڏي آهي، ارمينا رانا خان پاڪستاني فلمن ۽ ڊرامن کانسواءِ بين الاقوامي سطح تي به ڪم ڪري چڪي آهي ۽ گذريل ڪجهه عرصي کان ٽي وي اسڪرين کان غائب آهي، جنهن جو سبب سندس اميدن موجب پروجيڪٽس نه ملڻ آهي، ارمينا خان برطانيا ۾ رهائش پذير آهي، جتي سندس زندگي هڪ نئين ۽ خوبصورت مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ارمينا ۽ سندس مڙس فيصل خان وٽ ڇهه مهينا اڳ ڌيءَ جي پيدائش ٿي هئي، جنهن جو نالو انهن اميلي اسلا رکيو آهي، ڌيءَ جي زندگيءَ جا ڇهه مهينا مڪمل ٿيڻ تي انهن انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ به شيئر ڪئي آهي.