حيدرآباد (بيورو رپورٽ) روهڙي جي اسٽيشن روڊ واري علائقي جي رهواسڻ مسمات ناهيد اختر مطالبو ڪيو آهي ته  سندس مڙس ارمغان احمد عباسي جا قاتل گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي. حيدرآباد ۾ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناهيد اختر ٻڌايو ته 17 فيبروري 2022ع تي سندس مڙس ارمغان عباسي کي بيدردي سان قتل ڪري لاش نياز اسٽيڊيم وٽ ڦٽو ڪيو ويو. ڪيس ۾ سندس ڀيڻويي وقاص ڀٽي کي پوليس گرفتار ڪيو. گرفتاري بعد وقاص ڀٽي جي گهر مان رت لڳل رلي، چادر، قينچي ۽ پستول هٿ آيا. ان ڪيس ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون جنهن ڪري ساڻن انصاف نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته کيس ڪيس جي جاچ جي حوالي سان ڪيترائي خدشا آهن، ان ڪري هن انصاف لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد سان به رجوع ڪيو آهي. هن چيو ته پوليس قتل ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.