ارشد شريف کي ويجهي کان گوليون هنيون ويون، ڇرڪائيندڙ انڪشاف

0
302

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جي سينيئر صحافي ۽ اينڪر مقتول ارشد شريف جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب ڪينيا جي ٽيررازم کاتي جو چوڻ آهي ارشد شريف کي ويجهي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو ويو آهي ۽ سندس گاڏي تي 9 فائرنگ ڪئي وئي

ميڊيا رپورٽس موجب خرم احمد ارشد شريف کي ڪار ۾ سوار ڪري تنگا مارڪيٽ کان وقار احمد جي فارم هائوس ڏانهن وٺي ويو هو

رپورٽ موجب پوليس ڪامو ڪورو واري علائقي مگادي روڊ تي گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن مان 6 گولين جو رخ ارشد شريف ڏانهن هو، جڏهن ته گاڏي ۾ 9 گولين جا نشان آهن ۽ مسافر سيٽ تي ويٺل ارشد شريف کي 2 گوليون لڳيون

رپورٽ موجب گاڏي ۾ 3 فائر ٻيا به ڪيا ويا جنهن پاسي خرم احمد ويٺو هو پر هو محفوظ رهيو، پهرين گولي پاسي واري دريءَ مان نڪري اارشد شريف جي مٿي ۾ لڳي ۽ ٻي گولي ڪار جي بونٽ مان لڳي جيڪا هن کي سيني ۾ وڃي لڳي

هر طرف کان گولين جي برسات کان ڊرائيور ڪيئن محفوظ رهيو؟ پاڪستاني جاچ ڪندڙ ان سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪرمنل انويسٽيگيشن سان رابطي ۾ آهن

جڏهن ته جنهن روڊ تي فائرنگ ٿي ان جي نگراني جنرل سروس يونٽ ڪري رهيو هو، پر اهو واضح ناهي ته پوليس طرفان روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ پٿر جو استعمال ڪيو ويو

واضح رهي ته گذريل ڏينهن نجي ٽي وي جي اينڪر ڪامران شاهد ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ته ارشد شريف کي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هن جون اڱريون ڪٽيو  ويون نَهنَ ڪڍيا جنهن کانپوءِ کيس گاڏي مان لاهي قتل ڪري پوءِ کيس گاڏي ۾ ويهاريو ويو

اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ارشد شريف جنهن علائقي ۾ رهندو هو اتي آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي بيلڪ واٽر جو ٺيڪو آهي ۽ ان جا 10 کان وڌيڪ اهلڪار به اتي رهندا هئا

ھي به پڙھندا

صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ارشد شريف جو موت 2 گوليون لڳڻ ۽ هڪ کان وڌيڪ زخمن سبب ٿيو: پوسٽ مارٽم رپورٽ