اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته عمران خان کي پنهنجي پارٽي جي ماڻهن ئي بند گهٽي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، لانگ مارچ ۽ ارشد شريف جو قتل به ان سلسلي جي ڪڙي آهن،  عمران خان کي نااهل قرار ڏياري ڪير وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو؟ اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي آڏو پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته عمران خان کي پنهنجي پارٽيءَ اندر صفائي ڪرڻ گهرجي، هو نانگن جي وچ ۾ گهمي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان کي اڄ به پنهنجو ليڊر ۽ استاد سمجهان ٿو ۽ سندس احترام ڪيان ٿو، فيصل واوڊا چيو ته صحافي ارشد شريف جي قتل جي سازش پاڪستان ۾ سٽي وئي.