ارشد شريف قتل ڪيس: ڪينيا جا عملدار جاچ جي لاءِ مڪمل رسائي نه پيا ڏين:جاچ ٽيم جو سپريم ڪورٽ ۾ بيان

0
239
ارشد شريف قتل ڪيس: ڪينيا جا عملدار جاچ جي لاءِ مڪمل رسائي نه پيا ڏين:جاچ ٽيم جو سپريم ڪورٽ ۾ بيان
ارشد شريف قتل ڪيس: ڪينيا جا عملدار جاچ جي لاءِ مڪمل رسائي نه پيا ڏين:جاچ ٽيم جو سپريم ڪورٽ ۾ بيان

سپريم ڪورٽ ۾ ارشد شريف قتل ڪيس جي پاڻمرادو ورتل نوٽيس تي ٻڌڻي، جي آءِ ٽي سربراهه عدالت آڏو بيان ۾ چيو ته ڪينيا مان اسان کي ڪو به ٺوس مواد نه مليو آهي، ڪينيا پاران اسان کي شاهدين تائين پهچ نه ڏني وئي

ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي جاچ بابت ٻي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جسٽس مظاهر نقوي جي آءِ ٽي سربراهه کي چيو ته توهان کي جيڪو ڪم ڏنو ويو اهو توهان ڪيو آهي يا نه؟ ڪينيا مان قتل بابت توهان کي ڪو مواد مليو يا نه؟

Home - Supreme Court of Pakistan

جي آءِ ٽي سربراهه اويس احمد چيو ته ڪينيا ۾ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون آهن، جسٽس مظاهر نقوي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته ڪهاڻيون نه ٻڌايو، توهان کي شايد ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي

 جواد احمد چيو ته ڪينيا اسان کي شاهدين تائين رسائي  نه ڏني، ڪينيا مان ڪو به ٺوس مواد نه مليو آهي، ڪينيا جا عملدار جاچ جي لاءِ مڪمل رسائي نه پيا ڏين

هي به پڙهندا

ارشد شريف جي پاڪستان مان نڪري وڃڻ جي سببن جي جاچ ڪرائي وڃي: چيف جسٽس