ارشد شريف کي رٿابندي تحت قتل ڪيو ويو: فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

0
278
ارشد شريف قتل ڪيس: فيڪٽ

اسلام آباد: سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل بابت پاڻمرادي نوٽيس تي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٻڌڻي جاري آھي، فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي 592 صفحن تي مشتمل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ارشد شريف کي 20 جون 2022ع تي يو اي اي جي ويزا جاري ٿي، ارشد شريف ڪينيا ويو ته سندس ويزا ۾ 20 ڏينهن باقي هئا، ارشد شريف 2 مهينا 3 ڏينهن وقار احمد جي گيسٽ هائوس تي ترسيو

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  ارشد شريف کي رٿابندي تحت قتل ڪيو ويو، ڪينيا پوليس جاچ ۾ ڪو سهڪار نه ڪيو، ارشد شريف جي ميزبان خرم ۽ وقار جو ڪردار اهم آهي، وڌيڪ جاچ ڪرڻ گهرجي، گاڏي هلائيندڙ خرم جي بيانن ۾ فرق آهي، ڪيسز سبب ارشد شريف پاڪستان ڇڏڻ تي مجبور ٿيو

ھي به پڙھندا

ارشد شريف جي ميڊيڪل رپورٽ غير تسلي بخش قرار: اڄ رات تائين ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم