ارشد شريف قتل: سپريم ڪورٽ پاران نئين جي آءِ ٽي کي ھر ٻن ھفتن بعد رپورٽ پيش جو ڪرڻ جو حڪم

0
175
سپريم ڪورٽ پاران نئين جي آءِ ٽي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ نئين جي آءِ ٽي کي هر ٻن هفتن بعد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پاران ارشد شريف جي قتل بابت پاڻمرادو ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي ھلائي وئي

پرڏيهي وزارت نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن ۽ ارشد شريف جي قتل بابت رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪينيا ۽ متحده عرب امارات ۾ جاچ لاءِ خاص نمائندا موڪلڻ تي غور ڪري رهيا آهيون

چيف جسٽس چيو ته پرڏيهي وزارت جاچ لاءِ سٺيون تجويزون پيش ڪيون آهن، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ضرورت پوڻ تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان به رابطو ڪيو ويندو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جي آءِ ٽي کي ٻن هفتن جي مهلت ڏيون ٿا

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جي آءِ ٽي کي ڪا رنڊڪ پيش اچي ته فوري طور درخواست ڏئي، عدالت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي جنوري جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

ارشد شريف قتل: حڪومتي جي آءِ ٽي رد، نئين جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم

ارشد شريف کي رٿابندي تحت قتل ڪيو ويو: فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع