ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل اڳوڻي وفاقي وزير  اعظم سواتي چيو آهي ته ارشد شريف جو قاتل، عمران خان تي حملو ڪرائيندڙ ۽ مون ( اعظم سواتي) تي تشدد ڪندڙ ھڪڙو  ئي ماڻھو آهي، اسان جو عدالتي نظام وينٽيليٽر تي آهي، اسان جون عدالتون ٻين ڪمن ۾ مصروف آهن،ڪالهه هتي انصاف لائرز پاران ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته قانون ٺاهيندڙن پنهنجي ئي  قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي، اعظم سواتي چيو ته جسٽس عامر فاروق منهنجي صحيح سان جسٽس ٿيو آهي، جيڪڏهن آئون چاهيان ها ته ان کي روڪي سگهان ها، سيمينار ۾  اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.