لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان شهيد صحافي جي نالي سان صحافت جي يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ارشد شريف جي قتل، اعظم سواتي جي معاملي جي پويان ڪير آهي، مون تي حملي ۾ ڪير ملوث آهي جڏهن کان ڊرٽي هيري آيو آهي اهڙا واقعا ٿيا آهن، اهڙا ماڻهو ادارن ۾ هوندا ته ادارن تي اعتماد ڪير ڪندو. هن چيو ته ارشد شريف جي نالي سان يونيورسٽي آف جرنلزم قائم ڪنداسين.