ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقت تي نه ٿيڻ خلاف ميمبرن جا احتجاج ۽ اسپيڪر جا حڪم بي اثر، ڪالهه به اسيمبلي ميمبر دير سان پهچڻ ڪري اجلاس مقرر وقت کان ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع  ٿيو، سنڌ جي آبپاشي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتن جي وزيرن چيو آهي ته گھربل مٺو پاڻي نه ملڻ سبب سمنڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، ارسا 91ع واري معاهدي تي عمل نه ڪندي حصي جو پاڻي فراهم نه پئي ڪري. اجلاس دوران سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر رعنا انصار سوال ڪيو ته ارسا ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇو نه ٿي ڇوڙ ڪري؟ جنهن تي لائيو اسٽاڪ واري وزير عبدالباري پتافي جواب ڏيندي چيو ته هر سال ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم اي ايف پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي پر ارسا پاڻي نه ٿي ڏئي، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري پلي جي پيداوار متاثر ٿي آهي،  هن چيو ته جڏهن درياءِ جو مٺو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو تڏهن  پلو سمنڊ کان درياءَ ڏانهن وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مٺو پاڻي رڳو پلي نه پر تمر جي ٻيلن لاءِ به ضروري آهي، آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سامونڊي چاڙهه کان بچڻ لاءِ هر سال ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ايم اي ايف پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لازمي آهي، سڄو سال روزانو پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي جو ڇوڙ ڪرڻ لازمي آهي. گهربل پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي. هن اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته 91ع جي  ٺاهه ۾ چيو ويو هو ته 10 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندو،  بعد ۾ ٿيل هڪ اڀياس (اسٽڊي) ۾ چيو ويو ته 10 ايم اي ايف پاڻي ڪافي ناهي، سمنڊ ۾  25 ايم ايف پاڻي ۾ وڃڻ گهرجي، ان وقت جي اٽارني جنرل انور مقصود چيو هو ته سنڌ جو موقف درست آهي، انهي کي  قبول ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ پاسي پيئڻ جو پاڻي نه هو، ٻئي طرف پي ٽي آءِ  سرڪار وري جلال پور ۽ گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 واريون رٿائون منظور ڪيون سنڌ انهي جي مخالفت ڪندي سي سي آءِ  ۾ ڪيس کڻي وئي. پاڻي معاملن بابت سوالن جوابن کانپوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس جمعي ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.