ارسا چيئرمني ۽ سنڌين جون اميدون

0
202
ڀاشا ڊيم سنڌ لاءِ ترياق يا زهر

اخباري خبرن مطابق 18 آڪٽوبر کان ارسا جي چيئرمني سنڌ حوالي. ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي زاهد حسين جوڻيجي چارج سنڀالي ورتي. ارسا ۾ پاڻي ورهاست تي تازو ٿيل اختلافن جي پس منظر ۾ چيئرميني پنجاب کان سنڌ ڏانهن منتقل ٿيڻ ڪري، سوشل ميڊيا ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڄڻ چيئرميني پنجاب کان ڦري سنڌ کي ڏني وئي هجي. حقيقت ۾ اهو عمل قانوني گهرج آهي.

انهيءَ ۾ نه ڪنهن جي گھٽتائي آهي نه عزت افزائي. 1991ع واري پاڻي ٺاھ تي عمل ڪرائڻ لاءِ 1992ع ۾ انڊس رور سسٽم اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آيو. ارسا ائڪٽ جي شق نمبر 4 تحت ارسا جو چيئرمين واري سان هر صوبي مان هڪ سال لاءِ مقرر ڪيو ويندو. انهيءَ تحت سڀ کان پهرين بلوچستان مان چيئرمين چونڊيو ويو، ان کان پوءِ خيبرپختونخوا، پنجاب، سنڌ ۽ مرڪز مان چيئرمين مقرر ٿيندا رهيا آهن. ايئن اهو سلسلو هلي رهيو آهي. هن کان اڳ ۾ سنڌ مان محترم نصر علي راجپوت، نور محمد بلوچ، مظهر علي شاهه، بشير احمد ڏهر، شجاع احمد جوڻيجو، محمد خان ميمڻ، عبدالرسول ميمڻ، انهيءَ عهدي تي رهي چڪا آهن.

چيئرمين زاهد حسين جوڻيجو چيو ته هوءَ ڪوشش ڪندو ته سندس دور ۾ پاڻي ورهاست 1991ع ٺاهه جي شق نمبر 2 تحت ٿئي. جوڻيجي صاحب اها به شڪايت ڪئي ته 5 آڪٽوبر تي ٿيل صلاحڪاري ڪائونسل جي گڏجاڻي جي جاري ڪيل ڪارروائي ۾ سنڌ طرفان ٽه رخي فارمولي تي ڪيل اعتراض جو ذڪر نه آهي. ڇا چيئرميني ملڻ سان سنڌ کي ڪو فائدو ٿيندو يا چيئرمين پنهنجي مرضي مطابق فيصلا ڪري سگھي ٿو.؟ اچو ته انهيءَ جو جواب ارسا ائڪٽ مان ڳوليون. ارسا ائڪٽ تحت گڏجاڻي لاءِ چئيرمين سميت ٽن ميمبرن جو گڌجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ ضروري آهي ۽ فيصلا اڪثريت راءِ سان ڪيا ويندا. انهيءَ طريقي ڪار تحت 1992ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ارسا جو ڪاروبار هلندو رهيو آهي. ياد رهي ته ارسا جا ڪل 5 ميمبر آهن.

جڏهن به پاڻي ورهاست تي اختلاف ٿيا آهن ته سنڌ جو ووٽ اڪيلو رهجي وڃي ٿو ۽ باقي ميمبر گڏجي اڪثريت جي بنياد تي ان جي خلاف فيصلو ڪن ٿا. انهي عمل کي غيرقانوني به نٿو چئي سگھجي. اها ڳالھه هاڻي ڪنهن کان به لڪل نه آهي ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا ميمبر ٽه رخي فارمولي جي حمايت ڇو ٿا ڪن ۽ شق 2 تحت پاڻي ورهاست جي مخالفت ڇو ٿا ڪن.؟ جيستائين انهن ٻنهي صوبن کي غيرقانوني طور کوٽ کان آجو ڏنل وارو فيصلو واپس نٿو ورتو وڃي،

ان وقت تائين سنڌ جو اهو مطالبو ته پاڻي ورهاست ٺاھه جي شق نمبر 2 تحت ڪئي وڃي ۽ کوٽ پاڪستان جي بنياد تي ٺاهه جي شق      (b) 14 تحت ورهائي وڃي، ردي جي ٽوڪري جي حوالي رهندو.اهڙي صورتحال ۾ سنڌ وٽ 2 متبادل رهن ٿا. هڪ ته هو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃي ۽ ان کان فيصلو ڪرائي ۽ ٻيو ته اهو معاملو قانون واري وزارت ڏانهن ٺاھه جي تشريح لاءِ موڪليو وڃي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو چيئرمين وزيراعظم هوندو آهي.

وزيراعظم جي سياسي مصروفيتن جي ڪري ڪائونسل جو اجلاس ناممڪن ته نه، بلڪه ڏکيو لڳي ٿو. سنڌ هن کان اڳ ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اهو مسئلو رکيو هو. ڪائونسل معاملي کي ٽارڻ لاءِ اٽارني جنرل کي پنهنجي راءِ لاءِ چيو. اٽارني جنرل به ان تي قانوني راءِ ڏيڻ بجاءِ اهو چئي معاملي کي ٽاري ڇڏيو ته هيءَ قانوني مسئلي کان وڌيڪ سياسي معاملو آهي، ان ڪري حڪومت ان کي خود حل ڪري. اٽارني جنرل اهو به چيو ته پاڻي ورهاست ٺاهه جي شق نمبر 2 تحت ٿيڻ گھرجي.

اٽارني جنرل جي انهيءَ رپورٽ کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگھجي ٿو ته ٻيو متبادل خاطرخواه نتيجو نه ڏيندو. اهڙي منجهيل صورتحال ۾ جيڪڏهن جوڻيجو صاحب ڪجھه ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ ان تي ڪو خاطرخواه نتيجو حاصل ڪري سگھي ته سنڌ کي فائدي جي اميد ٿي سگھي ٿي. هڪ اهو ته ارسا جي گڏجاڻين جي ڪارروائي جي وڊيو ۽ آڊيو رڪارڊنگ ڪرائڻ جو فيصلو اداري کان ڪرائي، ته جيئن ڪوبه ڪارروائي جاري ڪرڻ ۾ من ماني نه ڪري سگھي.

ٻيو اهو ته اداري طرفان پاڻي جي مقدار جو صحيح تعين ڪرڻ لاءِ ماپن جو ٽيليميٽري سسٽم منظور ڪرائي ۽ ملڪ جي سڀني پاڻي ذخيرن، بئراجن ۽ مکيه واهن تي اهو نصب ڪرائين ته جيئن پاڻي استعمال جي حقي انگ اکرن جي ڄاڻ ملي. انهيءِ کان وڌيڪ هڪ ٻيو عنصر به آهي ته سنڌو درياءَ سرشستي ۾ ڪيترو پاڻي آهي ۽ ڪهڙي صوبي کي ڪيترو پاڻي ملي ٿو. هن وقت ارسا طرفان اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سسٽم ۾ پاڻيءَ 102 ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ نه آهي. ٻئي طرف جيڪي به محقق پاڻي تي تحقيق ڪن ٿا اهي ارسا ۽ واپڊا طرفان ڏنل انگن اکرن جي بنياد تي پاڻي جو مقدار 1991ع واري ٺاهه ۾ ورهايل پاڻي کان وڌيڪ ڄاڻائين ٿا.

تازو ڊان اخبار ۾ شائع ٿيل هڪ آرٽيڪل ۾ ارسا جي ارشاد رائوجي حوالي سان اها ڳالهه لکيل آهي ته اولهندي دريائن ۾ سراسري طرح 139 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي اچي ٿو ۽ اوڀرندي دريائن مان 6 ملين ايڪڙ فوٽ ملي ٿو. انهن ٻنهي اسمن کي جيڪڏهن ملايون ته انگ 145 ملين ايڪڙ فوٽ بيهي ٿو. انهن انگن اکرن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ واحد هڪ رستو بچي ٿو ته 1991ع کان اڄ تائين پاڻي اڪائونٽ (Water Account) جي غيرجانبدار پاڻي ماهرن کان آڊٽ ڪرائي وڃي ته جيئن خبر پوي ته سسٽم ۾ ڪيترو پاڻي آهي ۽ ڪير ڪيترو پاڻي استعمال ڪري ٿو. هي مسئلو نهايت اهم آهي، جيڪڏهن هي مسئلو حل ٿي وڃي ته باقي مسئلن جو حل ازخود ڪنهن حد تائين ٿي ويندو. موجوده چيئرمين کان هڪ عام شهري جي حيثيت ۾ اها اميد رکڻ گهرجي ته هو هيٺ ڄاڻايل مسئلن تي ڌيان ڏي ۽ ڪو مناسب تدارڪ ڳولي.

  1. پاڻي اڪائونٽ جي غيرجانبدار ماهرن کان آڊٽ ڪرائڻ
  2. ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ
  3. سنڌو درياءَ مان وهندڙ فلڊ ڪئنال عام حالتن ۾ بند رکڻ
  4. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ماحولياتي وهڪرن لاءِ مختص ڪيل پاڻيءَ جو الڳ اجرا ڪرائڻ.

جيڪڏهن موجوده چيئرمن انهن مٿين مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته سنڌ جون هن سان وابسته اميدون ڪنهن حد تائين پوريون ٿينديون.