اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نئين چونڊيل صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي انقره جو دورو ڪندو، وزيراعظم 3 جون تي صدر اردوان جي حلف برداري تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ هوندو. وزيراعظم 28 مئي جي چونڊن ۾ ترڪي جو هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران صدر اردوان کي مبارڪباد ڏيندو. وزيراعظم ترڪي جي صدر کي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏيندو.