دوحا(اسپورٽس نيوز) قطر ۾ جاري فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع ۾ ارجنٽائن خلاف زخمي ٿيندڙ سعودي فٽبالر ياسر الشهراني کي واپس وطن موڪليو ويو. سعودي ميڊيا رپورٽن موجب گرين فالڪنز جي ٽوئٽر تي پوسٽ ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته فٽبالر ياسر الشهراني کي حمد ميڊيڪل سٽي کان رياض جي نيشنل گارڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي هن جي سرجري ڪئي وئي. ياسر الشهراني هڪ وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته مان خيريت سان آهيان، الله تعاليٰ اوهان سڀني کي صحتمند رکي، اوهان جون دعائون منهنجي لاءِ وڏو سرمايو آهن. ارجنٽائن خلاف ميچ دوران ياسر الشهراني پنهنجي ٽيم جي ئي گول ڪيپر محمد الويس سان ٽڪرائجي ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ هن جي ڄاڙي ۽ منهن جي کاٻي پاسي جون هڏيون ٽٽي پيون هيون جنهن جو علاج جاري آهي.