مراڪش(انٽرسٽنگ نيوز) خيريات دنيا جي هر ملڪ ۾ گهري ويندي آهي، مراڪش ۾ هڪ اهڙي فقيرياڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪروڙن اربن رپين جي جائيداد سان گڏ هوءَ ٻٽي شهريت رکندڙ پڻ آهي. خيريات دنيا جي هر ملڪ ۾ ورتي ويندي آهيئ مراڪش ۾ هڪ فقيرياڻي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ عدالت هن کي ڌوکي جي ڏوهه ۾ قيد جي سزا ٻڌائي آهي ڇوته هن امير هئڻ باوجود ماڻهن سان دوکو ڪيو ۽ پنهنجي پنڻ جي ڪاروبار کي جاري رکيو. مراڪش جي ڏکڻ شهر اڪادير ۾ فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران هڪ فقيرياڻي کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن جاچ ڪئي وئي ته اهو انڪشاف ٿيو ته پاڻ کي دنيا اڳيان غريب ظاهر ڪندڙ فقيرياڻي وٽ صاف سٿري علائقي ۾ 2 گهر، ڪافي بينڪ بيلنس ۽ جائيداد آهي جنهن جي ماليت ڪروڙين ۽ اربين رپيا ٿئي ٿي. صرف ايترو ئي نه بلڪ هڪ فقيرياڻي وٽ ٻٽي شهريت آهي ۽ اها مراڪش سان گڏوگڏ سوئٽزرلينڊ جي شهريت به رکندي آهي. ان کانپوءِ مراڪش ۾ فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آهي.