اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي وطن واپسيءَ جو فيصلو، اسحاق ڊار کي ناڻي جو وزير بڻائڻ جا امڪان آهي، ذريعن موجب نواز ليگ جي قيادت اسحاق ڊار کي وطن واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب اهڙو فيصلو نواز شريف ڪيو. نواز شريف جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ اسحاق ڊار ئي معيشت کي سنڀالي سگهي ٿو. نواز شريف جو موقف آهي ته اڳ به اسحاق ڊار ڏکين حالتن ۾ معيشت بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو.اسحاق ڊار وطن واپس اچڻ بعد پهرين سينيٽر طور حلف کڻندو ۽ بعد ۾ ناڻي واري وزارت جو قلمدان سنڀاليندو، هاڻوڪو ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل پارليامينٽ جو ميمبر نه هئڻ سبب 6 مهينن کانپوءِ وزارت جي عهدي تي رهي نه سگهندو، جڏهن ته اسحاق ڊار تي آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واروڪيس هلندڙ آهي، اسحاق ڊار نومبر 2017 ۾ علاج لاءِ لنڊن ويل هو، جنهن جي واپسي جو ايندڙ مهيني جي ٻئي هفتي امڪان آهي.