ارباز خان جي شادي ۽ طلاق ڪيئن ٿي؟ ملائيڪا ٻڌائيندي روئي ويٺي

0
461

ممبئي: ارباز خان جي اڳوڻي زال اداڪارا ملائيڪا اروڙا پنهنجي شو ۾ شادي ۽ طلاق بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا

بالي ووڊ اداڪارا ملائيڪا اروڙا تازو ئي پنهنجي شو ”موونگ اِن ود ملائيڪا“ ۾ پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت کُلي ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته ارباز خان سان سندس شادي ۽ طلاق ڪيئن ٿي

شو ۾ ملائيڪا انڪشاف ڪيو ته هُن ارباز سان شادي صرف ان ڪري ڪئي آهي ڇو ته هو گهر مان نڪرڻ چاهي پئي

ملائيڪا چيو ته ڪنهن کي خبر ئي ناهي ته مون ئي ارباز کي پرپوز ڪيو هو، مون اصل ۾ هن کي چيو ته ‘مان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي”،  ڇا توهان تيار آهيو؟ جنهن تي ارباز پيار سان منهن موڙيو ۽ مون کي چيو ته تون ڏينهن ۽ جڳهه جي چونڊ  ڪر، پاڻ شادي ڪنداسين

Malaika Arora reveals ex-husband Arbaaz Khan was among the 'first' ones she  saw after car accident - India Today

ملائيڪا چيو ته مان ان وقت تمام ننڍي هيس، مان زندگي ۾ مختلف شيون پئي چاهيون پر ائين نه ٿيو

طلاق بابت ڳالهائيندي ملائيڪا چيو ته دبنگ جي رليز تائين اسان جي وچ ۾ ڳالهيون ٺيڪ هيون پر ان کانپوءِ ويڇا وڌيا ۽ الڳ ٿيڻ شروع ٿياسين ۽ نيٺ طلاق جو فيصلو ڪيو

ياد رهي ته ملائيڪا اروڙا 1998ع ۾ ارباز خان سان شادي ڪئي هئي ۽ کين هڪ 21 سالن جو پٽ ارحان آهي، 19 سالن جي شادي کانپوءِ 2017 ۾ ٻنهي ۾ طلاق ٿي