ادب جي دنيا آرٽ ۽ رنگن جو ڪئنواس

0
100
ادب جي دنيا آرٽ ۽ رنگن جو ڪئنواس

 زندگي جي ڀرپور عڪاسي جو نانءُ ادب آهي.سماج ۾ ادب جي اوسر جو  دارمدار اتان جي ليکارين جي تخليقي ڪم سان جڙي ٿو.سنڌ ۾ علم ادب ۽ آرٽ جو ھڪ حسين ۽ وسيع پس منظر رھيوآهي. سنڌ جا  ليکڪ اديب ۽ آرٽ سان محبت ڪندڙ دوست پنهنجي تخليقي ڪمن ۾ مصروف رھندا پيا اچن. سنڌ ۾ ادب جي دنيا ۾ ڪي دوست ڪھاڻيون لکي رھيا آھن ته ڪي دوست وري شاعري تي طبع آزمائي ڪري رھيا آھن ته ڪي دوست وري پنهنجا ڪتاب مڪمل ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. گذريل ڏينهن جڏهن مون ادب جي دنيا جي حوالي سان پنهنجن يادگيرين تي مشتمل ڪتاب سھيڙيو پئي تڏهن ذھن جي ڪئنواس تي تمام گھڻيون يادگيريون ذھن تي تري آيون مون ھن ڪتاب کي سھيڙڻ مھل انھن خوبصورت لمحن کي ياد ڪيو آهي جيڪي لمحا ھڪ ليکڪ جي زندگي جو خوبصورت گيت ھوندا آهن.لکڻ ڇا آهي؟ماڻھو ڇو ٿو لکي؟ ليکڪ ڪيئن پيدا ٿيندو آهي؟ليکڪ ڇا کي چيو ويندو آهي؟ ھي اھڙا سوال آهن جن جا جواب ھر ماڻھو وٽ پنهنجي سوچ موجب ۽ پنهنجي پنھنجي خيال موجب ھوندا آهن. لکڻ ھڪ جادوگري آهي يا ھڪ ڏات آهي جيڪا انهن وٽ ھوندي آهي  جيڪي حساس دل جا مالڪ ھوندا آهن  يا جيڪي فطرت سان محبت ڪندڙ ھوندا آهن.

چون ٿا ته عظيم تخليق جا سرچشما گهڻو ڪري اتان ئي ڦٽي نڪرندا آهن جتي دک درد بک۽ افلاس جو اگھاڙو راڪاس راڄ ڪندو آهي اھو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا جا بھترين فن پارا ۽ تخليقڪارصحرائن ۽ ريگستاني علائقن مان جنم وٺندا رھيا آهن. ھڪ تخليقڪار جي ناتي  منهنجو تعلق پڻ درد جي صحرا ٿر سان آهي ۽ ٿر جيڪو سراپا صدائون آهي جيڪو سراپا عشق آهي.منھنجي جنم ڀومي پڻ مٺي شھر آهي ھي شھرجيڪو سنڌ ۾ مذھبي روداري امن ۽ آشتي جي شھر طور پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. بنيادي طور تي آئون مڊل ڪلاس فيملي سان تعلق رکان ٿو، منهنجا ابا ڏاڏا رڱاوت جي ڪرت سان وابسته  رهيا آهن. جيڪي سالن کان ڪم ڪندا پيا اچن مٺي شهر ۾ منهنجي والد صاحب پڻ انهي ڪم کي جاري رکيو ايئن بعد ۾  آئون پڻ انهي رڱاوت جي ڪم ۾ جنبي ويس، گهر ۾ جيڪو رڱاوت وارو ماحول مليو، اهو فن آرٽ ۾ شمار ٿئي ٿو، رڱاوت جي آرٽ ۽ چٽسالي واري ماحول مون ۾ اتساهه پيدا ڪيو ايئن ئي انهي آرٽ کي ڏسندي مون ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. ادب جي دنيا ۾ مون لکڻ جي باقائده شروعات 1990ع کان ڪئي هئي تڏهن آئون اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس انهي زماني ۾ منهنجو پاڙيسري دوست ڀيم سوٽهڙ ادب جي دنيا سان واڳيل هو، ڀيم سوٽهڙ انهي دور ۾ اخبارن ۾ مضمون لکڻ، اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب گهرائڻ ۾ سرگرم عمل هوندو هو، انهي وقت مٺي ۾ ڀيم سوٽهڙ جي والد صاحب آسن داس سوٽهڙ جي “اوطاق” ٿر جي علمي ادبي ۽ سياسي شخصتين جي خاص بيٺڪ (اوتارو)  هوندي هئي،

جتي وقت جا دوست علم ادب، فن ۽ سياست تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا، انهي علمي ادبي نرسري ۾ مون به ڪجهه پرايو ۽ واس ورتو ايئن ئي انهي وقت ڀيم سوٽهڙ مون کي لکڻ لاءِ اتساهيو.  منهنجي علمي ادبي سرگرمين نئون رخ تڏهن ورتو جڏهن انهي وقت ۾ منهنجي هم ڪلاسي ساٿي پياري شواڻي سان دوستي ٿي ھئي ، اهڙي ريت 1993ع کان مون پياري شيواڻي سان گڏجي علمي ادبي سرگرمين کي جاري رکيو. جيتوڻيڪ منهنجي گهر ۾ مون کي ادبي ماحول ميسر ڪونه هو پر مونکي گهران جيڪا خرچي ملندي هئي انهيءِ  ۾ آئون ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هئس، ايئن  ئي انهي دور ۾ آئون پنهنجا مضمون (ڪالم) لکي اخبارن ۾ موڪليندو هئس، انهي دور ۾ منهنجا مضمون  مختلف سنڌي اخبارن۾ شايع ٿيندارهيا. 1994ع واري عرصي ۾ منهنجي صادق فقير سان دوستي ٿي ھئي.صادق فقير جي ماٺيڻي مزاج ۽ پرخلوص ڪردار مونکي تمام گهڻو اتساهه ڏنو مٺي ۾ جيڪي علمي ادبي سرگرميون ٿينديون هيون انهي ۾ هو اسان جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندو هو، اهڙي ريت مٺي ۾ سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ ۾ صادق فقير پنهنجو ڀرپور ڪرادر ادا ڪيو ھو ، انهي دور ۾ اسان موهن ڀڳت آرٽ اڪيڊمي طرفان پڻ پنهنجون علمي ادبي سرگرميون جاري رکيون، ايئن ئي منهنجو لکڻ ۽ ادبي سرگرمي ۾ مشغول رهڻ گڏو گڏ جاري رهيو.

ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان اسان جي ادب ذوق دوستن جو ھر روز مکاميلو ٿيندو ھو چاچي رتن مالھي واري ھوٽل تي پڻ اسان  مٺي جا ادب ذوق دوست  گڏ ٿي ڪچھريون ڪنداھياسين. انھي رتن واري ھوٽل تي سائينداد ساند ڊاڪٽر شنڪر نوراحمد جنجھي ماما وشن ٿري ڀارومل امراڻي کاٽائو جاني پيارو شواڻي دليپ ڪوٺاري خليل ڪنڀار ممتاز نھڙيو نصير ڪنڀار دليپ لوھاڻو ۽ ٻيا دوست گڏ ٿيندا ھياسين اتي وري اسان جا ھي دوست علم ادب فن تي وڏا وڏا بحث ڪندا ھيا.لکڻ ھڪ ذميواري جو ڪم ھوندو آهي. جڏهن  آءُ ٿر جي ڪنھن موضوع  مسئلي تي  لکندو آھيان يا ڪنهن درد جي منظر تي لکندو آھيان ته  تمام گھڻو جذباتي ٿي ويندو آھيان ۽ پوءِ وري لکڻيون ڇپجڻ تائين بي آرامي ھوندو آھيان ايئن  مون پنهنجي آس پاس واري ماحول   مطالعي ۽ مشاھدي جي بنياد تي پنهنجي تخليقي سفر کي جاري رکيو. منهنجي  لکڻين جو محور ٿر رهيو آهي، ادب جي دنيا ۾ ھڪ ليکڪ پنهنجو وجود ڳولڻ جي  ڪوشش ڪندو آهي .

ڪڏهن ڪڏهن آءُ  سوچيندو آھيان ته ادب جي دنيا مون کي ڇا ڏنو آهي؟ ڇا ادب جي دنيا ۾ آءُ پنهنجو پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري سگھيو آھيان؟ ھڪ ليکڪ جي زندگي ته تضادن سان ڀريل ھوندي آهي. انھن تضادن ۾  جيئڻ ۽ زندگي گذارڻ جو مزو به  پنهنجو  آهي. جيتوڻيڪ ادب جي  دنيا مون کي بامقصد زندگي گذارڻ لاءِ ھڪ اتساھه  ڏنو آھي. انھي لاءِ  ھر اھو نوجوان جيڪو لکڻ سان وابسته رھيو آهي انھي کي ادب جي دنيا ۾ پنھنجو اسپيس پاڻ ٺاھڻ گھرجي چار سال اڳ منهنجو هڪ ڪتاب “ڌرتي درد پڪارون ”ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ھو. هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون ٿر جي مسئلن جي موضوعن تي لکيل آهن. ٿر تي لکيل سمورا مضمون منهنجي ٿر جي درد جو لکيل داستان آهن ۽ ٿرين جي درد جي پڪار آهن. هن وقت تائين جيڪي ڪجھه مون لکيو آهي انھي لاءِ آءُ ڪا وڏي دعوى نٿو ڪيان بس پنهنجن لکڻين بابت آئون صرف ايترو چئي سگهان ٿو ته مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو منهنجي ضمير جو آواز آهي۽منهنجي دل جو آواز آهي لکڻ جي معاملي اڃان آءُ پنڌ ۾ آھيان ۽ منهنجي  منزل اڃان تمام گھڻو پري آهي

مون چيو ميندي کيت کي اٿي ڦٽي پئو

مون کي ڪيئي سئو رتا گھرجن ھٿڙا