ادبي ميلن جو معيار ۽ اسان جون ترجيحون

0
234
ادبي ميلن جو معيار ۽ اسان جون ترجيحون

 جڏھن کان ادبي ميلن جي روايت سنڌ ۾ شروع ٿي آھي، ادب کي تمام گھڻي ترقي ۽ مشھوري ملي آھي. ادبي ميلن تي اڄ ڪلھ تنقيد تہ جام پئي ٿئي پر ادبي ميلن جا اڪيچار فائدا بہ آھن، تنھنڪري اھي ميلا لڳڻ تمام ضروري آھن. ھا باقي انھن جي معيار کي اڃان وڌيڪ بھتر ضرور بڻائي ٿو سگھجي، جنھن لاءِ سڀ ڌريون پنھنجيون تجويزون ڏئي ٿيون سگھن،

                 انھن ادبي ميلن کانپوءِ سنڌي ڪتابن جي وڪري ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو آھي. خاص طور تي نوجوان ڪتاب تمام گھڻو خريد ڪري پڙھي رھيو آھي. اڳ ۾ ليکڪن جا نالا تہ ماڻھو ڄاڻندا ھئا پر سندن شڪلين کان واقفيت نہ رکندا ھئا. ادبي ميلن کانپوءِ ھاڻي اسان جا اديب بہ فلم اسٽارن، اداڪارن، گلوڪارن ۽ ڪرڪيٽرن وانگر سيليبريٽيز بڻجي ويا آھن. ھاڻي ھر ڪو کين سڃاڻي ٿو ۽ ساڻن ملڻ جي خواھش رکي ٿو. ميلي جو مطلب ئي ملاقات ھوندي آھي. سو ادبي ميلن جو بہ ھڪ اھم ڪم ملاقات آھي. اھي ميلا ٻين سمورن فائدن کانسواءِ اديبن توڙي ٻين ادب سان دلچسپي رکندڙ دوستن سان ملاقات جو بھترين موقعو فراھم ڪن ٿا، پر جيئن تہ ھاڻي انھن ميلن کي ڪافي وقت گذري چڪو آھي، تنھنڪري انھن ۾ ھڪ بوريت ۽ يڪسانيت بہ اچڻ شروع ٿي وئي آھي. اڪثر ايئن لڳي ٿو ڄڻ ساڳيو ئي گذريل سال وارو ميلو پيو ھلي. ساڳيا موضوع، ساڳيا سيشنس ۽ ساڳيا اسپيڪرس! تنھنڪري اھا سوچڻ جھڙي ڳالھ آھي تہ انھن ميلن جي معيار کي ڪيئن بھتر بڻائجي تہ جيئن عوام جي دلچسپي برقرار رکي سگھجي.

مان سمجھان ٿو ميلن جي معيار کي بھتر بڻائڻ ۾ سڀ کان اھم ڳالھ اھا ڪميٽي ھوندي آھي، جيڪا اھي سڀ سيشنس طئي ڪندي آھي تہ ڪھڙا ڪھڙا سيشن رکجن ۽ انھن سيشنس ۾ ڪھڙا اسپيڪرس ھجن. ظاھر آھي تہ ان ڪميٽيءَ جا بنيادي ٽي چار رڪن تہ ساڳيا ھوندا پر انھن ڪميٽين ۾ تجويزون ڏيڻ وارا ھر سال بدلجڻ گھرجن. جڏھن ھر سال ساڳي ئي ڪميٽي فيصلا ڪندي تہ سيشنس ۾ ھڪجھڙائي اچڻ فطري ڳالھ ھوندي. جڏھن ان ۾ نوان ماڻھو ايندا تہ نيون صلاحون کڻي ايندا. سو ميلن جو معيار بنيادي طور تي ان ڪميٽيءَ جي پرفارمنس تي تمام گھڻو مدار رکي ٿو. ادبي ميلن جي تقاضا بلڪل اھائي آھي جيڪا ادب جي ٿيندي آھي تہ ڪا نئين شئي پيش ڪئي وڃي، ڪو نئون انداز ھجي. نواڻ ئي معيار جي ضمانت ڏيندي آھي. جڏھن ادبي ميلن ۾ ڪا بہ نواڻ نہ ھوندي. ساڳيا موضوع، ساڳيا اسپيڪر ھوندا تہ اھو ورجاءُ ڪڏھن بہ سٺو معيار نہ ڏئي سگھندو. تازو ميڊم نورالھدي شاھ بہ اھو چيو ھو تہ نوجوانن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ڏيو، انھن لاءِ ڪرسيون خالي ڪريو. ساڳيون شڪليون ڏسي ڏسي ماڻھو تنگ ٿي چڪا آھن. سو ان طريقي سان نئين ٽيلينٽ کي بہ اڳتي اچڻ جو موقعو ملندو. ايئن ئي ڪي اھڙا نوان سيشنس رکيا وڃن، جيڪي ان کان اڳ ڪڏھن نہ رکيا ويا ھجن. مثال طور مشاعرا تہ ھر سال ٿيندا آھن، ھاڻي اوھان نثري نظم جو مشاعرو رکو يا ھائيڪو جو مشاعرو رکو تہ اھا ھڪ نواڻ ھوندي. اھڙا ڪيترائي مثال ڏئي ٿا سگھجن..

سنڌي ادبي ميلن جو بنيادي مقصد سنڌ جي ادب کي ھٿي ڏيڻ آھي. ان ۾ ٻين ٻولين جي اديبن کي بہ سڏائي ٿو سگھجي پر ايئن نہ ھجي تہ انھن جا سيشنس ايترا گھڻا ھجن جو سنڌي اديبن کي گھٽ موقعو ملي. اھا ڳالھ سڀني کي ياد ھوندي تہ سنڌ ۾ لٽريچر فيسٽول جي ضرورت پيدا ئي انڪري ٿي ھئي جو جيڪي ٻيا ميلا ھوندا ھئا، انھن ۾ سنڌي ادب بابت سيشنس تمام گھٽ رکيا ويندا ھئا. ٻيو تہ جڏھن اھي ميلا شروع ٿيا ھئا تہ انھن جو ھڪ بنيادي مقصد نون شايع ٿيل ڪتابن کي عوام ۾ متعارف ڪرائڻ ھو. ان لاءِ خاص طور تي جيڪي نوان ڪتاب ڇپجن ٿا، سڀ کان گھڻا سيشنس انھن تي رکڻ کپن. پر ھاڻي ادبي ميلن کي ڏسبو تہ ٿورا ڪتاب ملندا، جن تي سيشن رکيا ٿا وڃن. جڏھن ڪنھن سٺي ڪتاب تي سيشن رکجي ٿو، تڏھن ئي عوام کي خبر پوي ٿي تہ ان ڪتاب ۾ ڪيترو ڪجھ آھي. ان لاءِ اھو وٺي ضرور پڙھڻ گھرجي ۽ ڪتاب کي پذيرائي ملي ٿي. ان صلاح تي اسان جي سڀني پبلشرس کي بہ لازمي غور ڪرڻ گھرجي. جيستائين نون شايع ٿيل ڪتابن تي پروگرام نہ رکبا، ڪتابن جو مارڪيٽ وڌي نہ سگھندو.

 ادبي ميلن جو سڀ کان اھم جز اھو ھوندو آھي تہ ان ۾ تقريرون نہ ھونديون آھن، ھڪ ڊائلاگ ھوندو آھي ۽ اھو ڊائلاگ فقط ميزبان ۽ مھمانن وچ ۾ نہ پر عوام بہ ان ۾ شامل ٿي سگھندو آھي پر ھاڻي مون نوٽ ڪيو آھي تہ ميلن جي اڪثر سيشنس ۾ ھڪ بہ سوال آئيڊيئنس مان نہ ٿو ورتو وڃي، يا ورتو بہ وڃي ٿو تہ ھڪ يا ٻہ. جڏھن تہ انھن سيشنس جو فارميٽ ايئن رکڻ گھرجي تہ اڌ سوال ميزبان ڪري ۽ اڌ سوال عوام پڇي ڇو تہ ھي ميلو ڪرايو ئي عوام کي اديبن سان ملائڻ لاءِ ويندو آھي. ادبي ميلن جو اھو بنيادي جز ھو، جيڪو ھاڻي انھن ميلن ۾ نظر ئي تمام گھٽ ٿو اچي.

ھاڻي اسان جي معاشري کي ان شئي جي بہ ضرورت آھي تہ جيئن ادب ۽ ثقافت جا ميلا ٿين ٿا، ايئن ئي صحت ۽ تعليم جا بہ ميلا لڳايا وڃن. اسان جي معاشري ۾ صحت جي جاڳرتا نہ ھجڻ برابر آھي. اسان ٻين سمورن شعبن جهڙوڪ ادب، تاريخ، سياست، سماجيات بابت تہ سوين ڪتاب پڙھندا آهيون پر صحت ۽ بيمارين بابت ھڪ بہ ڪتاب نہ پڙھندا آهيون. تنھنڪري انھن موضوعن تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ تمام گھڻو ضروري ٿي پيو آھي. ايئن ئي اسان وٽ جيستائين تعليم جو معيار عالمي سطح جو نہ ٿيندو، سنڌ جي ترقيءَ جو خواب مڪمل ٿي نہ سگھندو.