ڄامشورو(رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” مختلف اديبن سان ملاقاتون ڪري سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ صلاح مشورا ڪيا آهن. اڳوڻي براڊ ڪاسٽر نصير مرزا، حيدرآباد ريڊيو جي اسٽيشن ڊائريڪٽر علي اڪبر هنڱورجو، زيب سنڌي، عبدالواحد ڪانڌڙو، سليم چنا ۽ يوسف جويو سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف سان ملاقات ڪئي ۽ ادب جي حوالي سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اديبن چيئرمين جي ڪرايل ادبي ڪمن جي ساراهه ڪئي. انهيءَ موقعي تي مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته سنڌي ٻولي جي مشهور شاعر امداد علي ”امداد حسيني“ جي ادبي خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ جلد ئي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ”امداد حسيني ادبي ڪانفرنس“ڪوٺائي ويندي. چيئرمن بورڊ مخدوم سعيد الزمان چيو ته سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو قومي ادارو آهي،  جنهن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سنڌ جي ڏاهن ۽گهڻ گهرن کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن.