ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ايڪشن اسٽار جان ابراهم گهٽ فلمون ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ جان ابراهم چيو ته مون کي اهو پسند ناهي ته ماڻهو رڳو 299 رپيا يا 499 رپيا ماهوار ڀري مون کي پنهنجي گهرن ۾ موجود اسڪرين تي ڏسن. هن چيو ته مان وڏي پردي جو اداڪار آهيان ۽ اتي ئي رهڻ چاهيان ٿو، هڪ پروڊيوسر طور مون کي او ٽي ٽي پليٽ فارم پسند آهي، مون کي ان لاءِ فلم ٺاهڻ سٺو لڳندو آهي پر اداڪار طور منهنجي سوچ بلڪل واضح آهي ته مون کي وڏي پردي تي ڪم ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته مون کي تمام بُرو لڳندو ته ڪو شخص ٽيبليٽ تي منهنجي فلم روڪي باٿ روم وڃڻ لاءِ اٿي.