ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار ۽ هدايتڪار ستيش ڪوشڪ کي قتل ڪرڻ جي دعويٰ اڳيان آئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب وڪاس مالو نالي هڪ بزنس مين جي ٻي گهر واري سانوي مالو دهلي جي پوليس ڪمشنر کي خط موڪليو آهي جنهن ۾ عورت پنهنجي ئي مڙس تي اداڪار کي قتل ڪرڻ جو الزام لاڳو ڪيو آهي. سانوي مالو پنهنجي خط ۾ پوليس ڪمشنر کي ٻڌايو آهي ته ستيش ڪوشڪ هن جي مڙس کي 15 ڪروڙ رپيا قرض ڏنو هو، ان رقم جي واپسيءَ لاءِ هڪ ڀيرو ٻاهرين ملڪ ملاقات به ٿي ۽ ان ملاقات دوران ڪافي منهن ماريءَ کانپوءِ وڪاس رقم واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو. سانوي ٻڌايو ته اداڪار منهنجي مڙس جي فارم هائوس ۾ بيمار ٿيو هو، ان لاءِ مونکي شڪ آهي ته وڪاس رقم واپسي جو مطالبو ڪرڻ تي هن کي قتل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف پوليس به دهلي جي ان فارم هائوس مان ڪجهه شڪي دوائون هٿ ڪيون آهن جتي ستيش ڪوشڪ پنهنجي موت کان اڳ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوءِ مبينا طور تي دل جي دوري پوڻ سبب هن جو موت ٿيو.