اداڪاره پاران بل گيٽس کي شادي جي آڇ کانپوءِ انڪار

0
964
اداڪاره پاران بل گيٽس

ڪراچي(م ڊ) مائڪرو سافٽ جي باني ۽ دنيا جو امير ترين شخصيتن ۾ شامل بل گيٽس کي ڪويتي اداڪاره ۽ گلوڪاره شادي جي آڇ ڪري ڇڏي آھي،

ميڊيا رپورٽس موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ٽويٽر تي ورلڊ نيوز جي پبلشرعياد المحمود جي طرفان بل گيٽس کي هڪ بيان ٽويٽ ڪيو ويو جنهن ۾ بل گيٽس تنبيهه ڪئي هئي ته دنيا کي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ جِلدي بيماري (چيچڪ) کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ان لاءِ هن جي جاچ لاءِ فنڊ جمع ڪرڻا پوندا

اداڪاره شمس بندر الاسلمي پبلشر جي ٽويٽ کي ري ٽويٽ ڪيو ۽ لکيو ته بل گيٽس هڪ ذهين انسان آهي ۽ هو ڊجيٽل دور جو روشن چراغ آهي، شمس الاسلمي وڌيڪ لکيو ته مون کي بل گيٽس جي مستقبل جي حوالي سان ڪيل اڳڪٿيون گهڻو متاثر ڪن ٿيون، مان بل گيٽس کي شادي جي آڇ ڪيان ٿي، توهان کي ڇا ٿو لڳي هي قبول ڪندو؟

بعد ۾ جڏهن هي خبر مقامي ميڊيا جي طرفان هلائي وئي ته اداڪاره رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي ٽويٽ کي غلط انداز سان پيش ڪيو ويو، هي ٽويٽ صرف هڪ مذاق هئي، مان هن حوالي سان سنجيده نه هيس

ھي به پڙھندا

بل گيٽس جي ڌيءَ جي شادي ۾ ڪيترو خرچ آيو؟