ڪراچي (م.ڊ) اداڪاره ميرا جي سهري راجا پرويز دعويٰ ڪئي آهي ته هن جي پٽ ۽ ميرا جي مڙس ڪيپٽن نويد ، 50 هزار ڊالرن جي گارنٽي جي بدلي ۾ اسپتال مان ميرا کي ڇڏايو. ميرا کي آمريڪي ڊاڪٽر جي توهين ڪرڻ ، پروٽوڪول جي غير معقول مطالبن ، ڌمڪين ۽ غير متوازن گفتگو ڪرڻ سبب نيويارڪ جي لانگ آئلينڊ جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ميرا جي سهري راجا پرويز جو چوڻ آهي ته ميرا جو اڄ امريڪا مان پاڪستان روانگي جو امڪان آهي، هوءَ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ امريڪا مان رواني ٿي ويندي. ان کان اڳ اداڪاره پاڳل خاني داخل ٿيڻ واري پنهنجي ماءُ جي دعوى کي رد ڪري ڇڏيو هو. ميرا چيو ته هوءَ ٺيڪ هو ۽ منهنجي ماءُ دٻاءُ هيٺ بيان ڏنو.