اداڪارا صبا فيصل پنھنجي پٽ ۽ ننھن نيھا سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
440

ڪراچي: پاڪستان جي مشهور سينيئر اداڪارا صبا فيصل پنهنجي پٽ سلمان فيصل ۽ ڌيءُ نيها سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ڪجهه عرصو اڳ خبر پئي ته صبا فيصل جي پٽ ۽ ڌيءُ ۾ طلاق ٿي وئي آهي، جنهن کي اداڪارا انڪار ڪيو هو پر هاڻ هن پنهنجي پٽ ۽ ناٺيءَ کان ڌار ٿيڻ جو ٻڌايو آهي

Beautiful Clicks of Saba Faisal with her Daughter in Law Neha | Pakistani Drama Celebrities

صبا فيصل انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي آھي، جنهن ۾ هن چيو ته مون ڪڏهن به پنهنجي گهر جي پرسنل معاملن جو ذڪر ناهي ڪيو، پر هاڻي مون کي ڪرڻو پيو آھي

وڊيو ۾ صبا فيصل جو چوڻ آھي ته نيها جي سوشل ميڊيا پوسٽن تي ماڻهو مون کي گاريون ڏئي رهيا آهن، تمام خوبصورت زندگي گذاري آهي، مان ھاڻ سڀني کي باضابطا طور ٻڌايان پئي تھ سلمان فيصل ۽ نيھا سان لاڳاپا ختم ڪري رھي آھيان

 

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Saba Faisal (@sabafaisal.official)

اداڪارا چيو ته جڏھن ڪنھن خاندان ۾ نيھا جھڙي منفي عورت اچي وڃي تھ اھو گھر ٽُٽي ويندو آھي، مان گذريل چار سالن کان پٽ جي ڪري ڏاڍي مشڪل زندگي گذاري رھي آھيان، مان اھو ئي سوچيندي رھيس تھ پٽ اھڙي عورت سان گڏ ڪيئن زندگي گذاريندو، مان وڌيڪ تفصيل ۾ نھ وينديس پر اوھان ھن وڊيو مان اندازو لڳائي سگھو ٿا