اداڪارا زرنش خان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

0
274

ڪراچي (شوبز نيوز) مشھور اداڪارا زرنش خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آھي، جنھن کانپوءِ ھوءَ اسپتال ۾ داخل آھي، زرنش خان انسٽاگرام پوسٽ جي ذريعي مداحن کي خبر ڏني تھ ھوءَ بھ ڪورونا جو شڪار ٿي وئي آھي، مداحن کي ھن چيو تھ محفوظ رھو ۽ پنھنجو خيال رکو.ھن چيو تھ ھن وقت مان اسپتال ۾ موجود آھن، مون کي شڪ آھي تھ ڪورونا جو شڪار ٿي وئي آھيان، ھن چيو تھ وڊيو ڪجھ دير اڳ ٺاھي وئي، منھنجي ٽيسٽ مثبت اچي وئي آھي. منھنجي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي وڃي.