اداڪارا حرا ماني جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

0
245

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) اداڪارا حراماني جو پيءُ  سيد فرخ جمال لاڏاڻو ڪري ويو، حراماني جي مڙس اداڪار سلمان شيخ  ”ماني“  فيس بڪ تي پوسٽ ڪري مداحن  کي سهري جي فوتگيءَ جو اطلا ڏنو. ماني ٻڌايو ته حراماني جو والد سيد فرخ شاهه اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو آهي، ۽ ان جي جنازه نماز اڄ ادا ڪئي ويندي. اداڪارا جي والد جي فوتگيءَ جو ڪارڻ سامهون ناهي اچي سگهيو. گذريل ڏينهن اداڪارا حراماني پنهنجي پيءُ  جي تصوير سان گڏ هڪ پوسٽ لڳائي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي پيءُکي بهترين اڳواڻ قرار ڏنو هو. اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو هو ته بابا سيکاريو ته نماز کان پوءِ سدائين دعا ڪيو ته الله تعاليٰ اسان جي دلين ۾ پنهنجي ٻانهن لاءِ رحم رکي.