اداڪارا حرا ماني به ڪراچي ۾ ڦورن کان بچي نه سگهي

0
780

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا حرا ماني به ڪراچي ۾ ڦورن کان بچي نه سگهي، ڊفينس ۾ اداڪار حرا ماني ۽ سندس ٻارن کان ڦرلٽ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، وڊيو ۾ نظر اچي رهيو آهي ته ادارا پنهنجي ٻارن سان گڏ گاڏيءَ تي گهر پهتي ته ٻن موٽر سائيڪل تي سوار ڦورو پهچي ويا، هٿياربند اداڪاره کان موبائيل فون ۽ ٻيون قيمتي شيون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ڪٽنب طرفان ڦر واقعي بابت ڪا به رپورٽ داخل نه ڪئي وئي آهي، جاچ ٽيم اداڪاره حرا ماني سان ملاقات ڪري ڄاڻ وٺندي..