اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نجڪاري ڪميشن (پي سي) جي بورڊ جو 207هون اجلاس وفاقي وزير/ چيئرمين نجڪاري عابد حسين ڀيو جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري جي وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر ارم اي خان ۽ وزارت جي اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ بورڊ پاران مختلف اجلاسن ۾ جاري ڪيل مختلف هدايتن تي عملدرآمد جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، بورڊ هدايت ڪئي ته نجڪاري بابت  التوا هيٺ مسئلن کي حل ڪيو وڃي، پي سي بورڊ روز ويلٽ هوٽل جي لاءِ مالياتي مشير جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ضابطن جي به منظوري ڏني بورڊ کي پاڪستان اسٽيل ملز، ايڇ بي ايف سي ايل، فرسٽ وومين بينڪ لميٽيڊ سميت ٻين بابت اڳڀرائي متعلق بريفنگ ڏني وئي.