ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ ثابت ٿي چُڪو آهي ته عمران ڪالهه به لاڏلو هو ۽ اڄ به لاڏلو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪنهن کي ديوار سان لڳايو ويو ته ڪنهن کي وري مراعتون ڏنيون پيون وڃن؟ مون کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو، مون کي اڄ تائين ڪير گرفتاري جو ڪو وارنٽ ته ڏيکاري. هن مُلڪ ۾ عمران خان لاءِ الڳ قانون آهي. سوچيل سمجھيل سازشن تحت ادارن تي حملا ڪندڙ عمران خان تي مهربانيون ڪيون پيون وڃن.