ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم شهيدبينظيرڀٽو يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر تي پ پ جي خاتون ايم پي اي پاران هراسان ڪرڻ واري الزام جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سنڌ حڪومت جي انڪوائري ڪاميٽي حوالي ڪري ڇڏي، ايف آءِ اي ٽيم وائيس چانسلر اختر بلوچ مٿان لڳل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ جنوري 2022 ۾  لياري جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر اختر بلوچ تي  پ پ ايم پي اي شازيا سنگھار هراسان ڪرڻ ۽ موبائل تي اعتراض جوڳا ميسيج موڪلڻ جو الزام لڳايو هو، اهڙو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پاران معاملي جي جاچ لاءِ ڊائو ميڊيڪيل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سعيد قريشي جي سربراهي هيٺ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي، ڄاڻايل ڪاميٽي  ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم شعبي کان به مدد گهري هئي، الزام هيٺ آيل وائيس چانسلر اختر بلوچ جو موبائل فون به ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم شعبي حوالي ڪيو ويو هو، ايف آءِ اي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سنڌ حڪومت جي جوڙيل انڪوائري ڪاميٽي حوالي ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب ايف آءِ اي  وائيس چانسلر اختر بلوچ مٿان لڳل الزامن کي رد ڪيو آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شازيا سنگھار جا هراسمينٽ وارا الزام غلط آهن، اختر بلوچ جي موبائل ڊيٽا مان هراسمينٽ وارو ڪو مواد يا اسٽيڪر ناهي مليو، ان حوالي سان الزام هيٺ آيل معطل وائيس چانسلر اختر بلوچ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مون تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو، مون ڪو به ميسيج نه ڪيو هو، هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ جلد اچي ويندي.