اختر بلوچ، هڪ بي چين روح

0
114
اختر بلوچ، هڪ بي چين روح

هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن حيدرآباد پريس ڪلب سنڌ جو سياسي هائيڊ پارڪ هو، اڃان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرن جو رواج نه پيو هو، نه وري ملڪي راڄ ڌاني اسلام آباد ۾ ڪو پريس ڪلب  جو رواج پيو هو، حيدر آباد پريس ڪلب آڏو صبح کان شام تائين احتجاجي مظاهرن جي اڻ کٽ سلسلو هلندو هو، هڪ ڏينهن پريس ڪلب آڏو بي بي سي جي رپورٽر علي حسن هڪ نوجوان سان تعارف ڪرائيندي چيو“ يه ميرپورخاص ڪي مڪراني هين،اختر بلوچ ڪي نام سي جانا جاتا هين هيومن رائيٽس ايڪٽيوسٽ هين ،اب شڪيل صاحب ڪي فرمائش په يهان صحافت ڪريگا”  بس اهو اختر بلوچ سان پهريون تعارف هو، هن ڪائنات اخبار جوائن ڪئي، اسان گڏجي صحافت ڪئي، ڏسندي ئي ڏسندي هو حيدر آباد جو هر دل عزيز صحافي بڻجي ويو، انتهائي زنده دل ۽ خوش مزاج اختر بلوچ هڪ ڏينهن حيدر پريس ڪلب جي فنڪشن ۾ ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هو، حيدر آباد جو ايس ايس پي معظم جان هو شايد، ان وڏي فخر سان چيو “ صحافين جا ڪي مئسلا هجن ته ٻڌايو،” جنهن تي اختر بلوچ چيو ته  “اسان صحافين جو هڪ مسئلو آهي، هي جيڪي روڊ تي بجلي جا ٿنڀا لڳل آهن، اهي رات جي وقت اسان صحافين جي آڏو وچ روڊ تي اچيو وڃن، اسان صحافي ٽڪرايو وڃون، پوليس وارن کي پارت ڪر ته رات جو ٿاڻي بدران گهر پهچائي اچن” هال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، اختر بلوچ جي روح کي ميرپور خاص بعد حيدر آباد ۾ به چين نه آيو، هڪ ڏينهن حيدر آباد کي ڇڏي ڪراچي جا اچي وڻ وسايائين. ع2005 ۾ آئون به ڪراچي آيس، هڪ ڏينهن پريس ڪلب ڪراچي جي لان تي مون کي چيائين “ انگريزي سکڻ لاءِ داخلا وٺ،”  مون چيو “ هن عمر ۾..!!”  منهنجي ڳالھه تي کلندي چيائين “ پڙهڻ جي ڪا عمر ناهي،” مون انگريزي سکڻ لاءِ پي اي سي سي ۾ داخلا ورتي، آئون پڙهڻ لا ڪلاس ۾ ويس ته ٻار ٽيچر سمجهي اٿي بيهي رهيا، آئون سڌو وڃي ڪلاس جي بئنچ تي ويٺس ته ٻارن وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا، مون ان جي پرواہه ڪرڻ بدران پڙهڻ تي ڌيان ڏنو.

اختر بلوچ ٿوري عرصي اندر ڪراچي جو بهترين صحافي ٿي اڳيان آيو، هن ڪراچي جي عمارتن تي، تاريخ تي، جيڪا تحقيق ڪئي، ڊان ڊاٽ ڪام ۾ هن جيڪو لکيو، ان کي ڪتاب جي شڪل ڏني، آئون سمجهان ٿو ته اهو تمام وڏو ڪم آهي هن ڪراچي جي شهرين کي انگريزي ۽ اردو ۾ سمجهايو ته مولوي مسافر خانو آهي يا اهو مولچند مسافر خانو آهي. هن ڪراچي جي کوڙ عمارتن ۽ واقعن تي هڪ سچي تحقيقي مورخ بڻجي لکيو، تاريخ جي نئين سر تاريخ لکي. اختر بلوچ لياري گينگ وار تي تمام بهترين لکيو، شيرو دادا سميت کوڙ پروفائل لکيائين، هن ڪراچي جي اڏيندڙن پارسين تي، يهودين تي لکيو، نيپئر روڊ تي لکيو، مطلب سڄي ڪراچي تي لکيو، ڪراچي جي نئين سڃاڻپ ڪرائي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ هو هميشه لکندي يا پڙهندي نظر آيو. هر آچر تي اختر بلوچ ريگل چوڪ يا فيريئر هال ۾ ڪتابن جي بازارن ۾ نظر ايندو هو. هميشه نوان نوان ڪتاب پڙهڻ جون صلاحون ڏيندو هو، اڄ صبح جيئن ئي اک کلي ته هن جي لاڏاڻي جو اطلاع مليو، اکيون ڀرجي آيون، دل چيو وڏي دانهن ڪري چوان، اختر وڃڻ ۾ ايڏي جلدي به ڪبي آهي ڇا؟