اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبر احمد  حسين ڏهر کي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جو پارلياماني ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي کي آگاهي ڏني وئي ته احمد حسن ڏهر کي 13 ميمبرن جي حمايت سان قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جو پارلياماني ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون اڃا منظور نه ٿيون آهن پي ٽي آءِ پاران پارلياماني ليڊر شاهه محمود قريشي آهي، ان باوجود پي ٽي آءِ جي منحرف احمد حسن ڏهر کي پارلياماني ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي.