احمدپور (ن پ ا) احمدپور لڳ خواجه پل تي علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو. فائنل ۾ خيرپور اليون ۽ لاڙڪاڻو ڀيڄ پاڳارا اليون جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. خيرپور اليون ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪنديمقرر 8 اوورن ۾ 67 رنسون ٺاھيون. لاڙڪاڻو ڀيڄ پاڳارا اليون ڪپتان اياز بروهي ۽ ٻين بھترين راند جو مظاهرو ڪندي بغير ڪنهن نقصان جي صرف ٻن اوورن ۾ 60 رنسن جو اسڪور ڪيو. مخالف ڪپتان اسرار ڀيو ھار قبول ڪئي. جمشيد مھيسر، سرفراز چانڊيو، مصور مھيسر، سھيل شيخ، ھمير احمد، سلطان، سراج، توفيق احمد چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.