احمدپور (ن پ ا ) احمدپور ويجهو يوسي وڏا مھيسر ۾ پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن پاران چونڊ مهم جي تيزيءَ سان شروعات مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ تعزيتون ڪيون ويون ، رپورٽ موجب احمدپور ويجهو يوسي وڏامھيسر جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوارن سيد دين محمد شاھ بخاري، احسان علي مھيسر، تراب خان شر، سيد عبداللطيف شاھ بخاري ۽ ٻين اڳواڻن پاران يوسي وڏامھيسر جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ملاقاتون ۽ مختلف برادريء جي معزز اڳواڻن سان سندن ٿيل فوتگين تي تعزيتون ڪيون ويون ۽ ڳوٺ نوراجا ۾ سيد دين محمد شاھ بخاري جي رھائش گاھ تي پيپلزپارٽي جي جلسي جي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ پ پ اڳواڻ ضمير حسين ڪانھر، فدا حسين ميتلو، سيد جمن شاھ، رحمت الله ميتلو، ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ٻئي طرف جي ڊي اي جي نامزد اميدوارن سيد علي تقي شاھ بخاري، مظهر علي ناريجو ۽ ٻين اميدوارن پاران جي ڊي اي جي ايم پي اي سيد محمد راشد شاھ راشدي جي اڳواڻيءَ ۾ يوسي پيربادل ۽ يوسي وڏا مھيسر ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ويون ۽ ڳوٺ حاجي عبدالله ناريجو ۾ وڏيرو خادم حسين ناريجو جي رھائش گاھ تي پروقار جلسي جي تقريب منعقد ڪئي وئي بعد ۾ وڏيري خادم حسين ناريجو سان سندس ڀائرن جي وفات تعزيت ڪئي وئي ۽ گهري ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ويو،