احمدپور (رپورٽ: امام بخش چانڊيو) احمدپور ۾ دڪان تي ويٺل نوجوان مٿان جوابدارن جو مبينا حملو، سخت تشدد ڪرڻ بعد نوجوان کي منهن تي ڪارنهن مَلي تذليل جو نشانو بڻايو ويو، اين سي داخل. رپورٽ موجب احمدپور ۾ موٽر سائيڪل شوروم تي ويٺل نوجوان غوث بخش لاکو مٿان جوابدارن حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سندس منهن تي ڪارنهن مَلي تذليل جو نشانو بڻايو ويو. ان ڏس ۾ نوجوان احمدپور ٿاڻي تي پھچي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته مزدور آھيان، موٽر سائيڪل شوروم جي دڪان تي مزدوري ڪندو آهيان. دڪان تي ئي ويٺل ھيس ته جوابدارن صفدر، اظھر، پرويز، سارنگ، زوھيب چانڊيو ۽ ٻين حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد منھن ڪارو ڪري منھنجي وچ شھر ۾ تذليل ڪئي وئي. ھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جلد نوٽيس وٺي ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف احمدپور پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان اھڙي واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.