احمدپور (ن پ ا) احمدپور لڳ ڳوٺ ننڊا کنڀڙا ۾ ڳوٺ ٻاھران مڇي جي تلاءَ ۾ وھنجندي نوجوان ڪامران پٽ گل شير کنڀڙو ٻڏي ويو، جنھن کي بيھوشي واري حالت ۾ خيرپور اسپتال نيو ويو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو آھي، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.