پيرجوڳوٺ (ن پ ا) احمدپور پوليس پورهيت جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي. بيهوشي واري حالت ۾ وارثن حوالي ڪرڻ کانپوءِ ڦر جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. احمد پور ويجهو ڳوٺ فتح علي چانڊيو واسي پورهيت اختيار علي چانڊيو احمدپور پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته احمدپور پوليس موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جو الزام ڏئي گهران گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي، جتي ٿاڻي ۾ گهلي گهلي تشدد ڪري ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي. بيهوشي واري حالت ۾ وارثن حوالي ڪرڻ کان پوءِ موٽرسائيڪل ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. متاثر اختيار علي چانڊيو ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته احمد پور پوليس جي ظلمن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.