خيرپور (رپورٽر) احمدپور جي رهواسڻ خيرپور جي عدالت ۾ پيش، ٽن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز سميت 16 ڄڻن خلاف  درخواست داخل، گهر ۾ گهڙي تشدد ۽ ڦرلٽ جا الزام. خبر موجب خيرپور ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج مس ثمينه منگيءَ جي عدالت احمدپور ڀرسان ڳوٺ ولي محمد جي رهواسڻ مسمات ساسل شنباڻي طرفان پوليس جي زيادتين خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ڪارروائي ڪندي ايس ايس پي خيرپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. مسمات ساسل شنباڻي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي ايس ايچ او اعظم ميمڻ، صادق ڪلهوڙو ٿاڻي جي ايس ايچ او گلزار لاشاري، مهيسر وڏا ٿاڻي جي ايس ايچ او غلام عباس ڪلهوڙو، سپاهي حفيظ الله ڪلهوڙو، ظهير مڱڻهار، حبيب الله، فريد شنباڻي، گل اڄڻ سميت 16 ڄڻن خلاف گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪرڻ ۽ ڦرلٽ جا الزام مڙهيندي سندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي حڪم جي گذارش ڪئي هئي.