اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن ۾ دير جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته نئين ڊجيٽل آدمشماري کانسواءِ اليڪشن ٻن صوبن ۾ ڪيئن ٿيندي؟ اليڪشن ڪميشن مطمئن هوندو ته اليڪشن ڪرائيندو پر نه هوندو ته عدالت ويندو. اسان چونڊ وڙهي پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته نئين آدمشماري جا نتيجا اپريل تائين ايندا ۽ اليڪشن ڪميشن کي تڪ بندين ۾ 4 مهينا لڳندا اهو وقت اسيمبلين جي مدو پورو ڪرڻ جو هوندو ان ڪري ان کان اڳ چونڊ ڪيئن ٿيندي؟