احتساب عدالت پرويز الاهي خلاف نيب جاچ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
266

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي جي خلاف نيب ۾ جاري انڪوائري بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. لاهور جي احتساب عدالت جي انتظامي جج شيخ سجاد احمد نيب جي درخواست منظور ڪري ورتي. نيب پاران پراسيڪيوٽر حافظ اسدالله اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته نيب لاهور پرويز الاٰهي خلاف غيرقانوني ڀرتين جي الزام بابت انڪوائري بند ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.