سکر (بيورو رپورٽ) نئين نيب آرڊيننس جا اثر، احتساب عدالت نيب طرفان جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ 27، 27 ڪروڙ جا 2 ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس واپس ڪري ڇڏيا، نيب طرفان ريفرنسز ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رفيق راڄپر، ڊي ايف سي عبدالستار ميمڻ، سپروائيزر نادر مگسي، فوڊ انسپيڪٽر مٺل مگسي ۽ ٻين مٿان ڪرپشن جو الزام لڳايو ھو. نيب قانون تحت 50 ڪروڙ رپين کان گھٽ رقم ھجڻ تي عدالت ريفرنس واپس ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب احتساب عدالت پاران خوراڪ کاتي جيڪب آباد ۾ 27 ڪروڙ رپين جو ريفرنس نيب سکر کي واپس ڪري ڇڏيو آھي. جوابدار ڄاڻايل ڊپٽي ڊائريڪٽر رفيق راڄپر، ڊي ايف سي عبدالستار ميمڻ، ڊي ايف سي فاروق ڪليري، سپروائيزر نادر مگسي ۽ اسسٽنٽ سپروائيزر برڪت علي ۽ ٻين مٿان ڪرپشن جي الزام ھيٺ ريفرنس داخل ڪيو ويو ھو. وڪيل فيصل شمس مطابق نيب طرفان ڄاڻايل ريفرنس ھلندڙ سال داخل ڪرايو ھو، ريفرنس 50 ڪروڙ روپين کان گھٽ ھجڻ تي احتساب عدالت نمبر 3 نيب جي جاچ آفيسر کي واپس ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف نيب سکر طرفان خوراڪ کاتي  ڪشمور ۾ ڪڻڪ ڪرپشن بابت 27 ڪروڙ رپين جو ريفرنس داخل ڪراھو ھو جنھن ۾ فوڊ انسپيڪٽر مٺل مگسي ۽ ٻين جا نالا شامل ھئا. وڪيل طاھر حسين ڀنڀرو مطابق احتساب عدالت نمبر ٽي پاران فوڊ انسپيڪٽر مٺل مگسي خلاف نيب جاچ واپس ڪندي لاڳاپيل اداري ڏانهن موڪلڻ جو حڪم جو حڪم ڏنو آھي.